
Pancreas, cancer of
پئن.ڪر.ي.ئاس ـ ڪينسر ـ آف
لبلبي جي ايڪسوڪرائين ٽشوءَ جي ڪينسري ڳوڙھي. گهٽ تعداد ۾ ان جو ڪارڻ ناقص جين ٿئي ٿي جڏھن ته عام طور تي ان جي ڪارڻ جي ڄاڻ نٿي ھجي جيتوڻيڪ تماڪ ڇڪڻ ۽ سڻڀ يا الوڪحل جو گهڻو استعمال ان جي پيدا ڪرڻ ۾ مددگار پھلو ٿي سگهن ٿا. ان جي تڪليفن ۾، پيٽ جي مٿين حصي جو سور، بک مري وڃڻ، وزن گهٽجي وڃڻ ۽ يرقان (jaundice) ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ بدھاضمو، اوڪارا، الٽي، دست ۽ ٿڪ به ٿي سگهن ٿا. گهڻين حالتن ۾ تيستائين تڪليفون پيدا نٿيون ٿين جيستائين ڪينسر جسم جي ٻين حصن ڏانھن وگهري نٿي وڃي. عام طور تي تشخيص لاءِ الٽراسائونڊ اسڪيننگ (ultrasound scanning)، سي ٽي اسڪيننگ (CT scanning) يا ايم آر آءِ (MRI) يا اي آر سي پي (ERCP) ڪجي ٿي. شروعاتي مرحلن ۾ پينڪريئاٽئڪٽومي (pancreatectomy)، ريڊيوٿراپي (radiotherapy) ۽ اينٽي ڪينسر دوائن سان فائدو ٿي سگهي ٿو. آخري مرحلن ۾ سواءِ پيليٽِو علاج (palliative treatment) جي ٿورو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.
صبح جي ڏئي وانگر پساهه ڳڻڻ
تمام پوڙهو ٿيڻ. مرڻ جي ڪَنڌيءَ تي هُئڻ ، پويان پساهه پورا ڪرڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal