پئلسٽائين لبريشن آرگنائيزيشن
فلسطين جي آزادي تنظيم
اسرائيل جي قبضي هيٺ آيل فلسطين جي ڌرتيءَ جي آزادي لاءِ فلسطين جي آزادي جي تنظيم (PLO) 1964ع ۾ وجود ۾ آئي. هن تنظيم جي قيام ۾ وچ اوڀر ۽ اُتر آفريقا جي عرب مُلڪن سرگرم ڪردار ادا ڪيو. پي ايل او کي دُنيا جي 100 ملڪن فلسطيني عوام جي نمائنده جماعت طور تسليم ڪندي، کيس گڏيل قومن ۾ مبصر جي حيثيت پڻ ڏياري.هن تنظيم جو بنيادي مقصد ۽ منشور عرب ملڪن سان گڏجي، اسرائيل کي فلسطين جي علائقي مان نيڪالي ڏيڻ هيو. انهيءَ ٻڌيءَ کي عظيم تر عرب اتحاد (Pan Arabism) جي جذبي تحت نروار ڪيو ويو ۽ فلسطين جي آزاديءَ کي سڄي دُنيا ۾ موجود عربن جي وقار ۽ عزت سان سلهاڙيو ويو. 1967ع ۾ تنظيم جي ڍانچي ۾ بُنيادي تبديلي آئي ۽ اُن جي قيادت نوجوان سياسي راهنما احمد شُقيري جي هٿ ۾ آئي، پر عرب ملڪن جي اسرائيل سان جنگ ۾ ناڪاميءَ بعد احمد شقيري کي تنظيم جي قيادت تان هٽايو ويو، ۽ ”پي ايل او“ پاڻ کي عرب مُلڪن جي سياسي قيادت کان پاسيرو رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر عرب ملڪن پوءِ به ”پي ايل او“ سان ويجهڙايون قائم رکڻ جون ڪوششون جاري رکيون. انهيءَ جي اُبتڙ پي ايل او جي اتحاد اندر هڪ تشدد پسند کاٻي ڌُر جي جماعت ”پاپولر فرنٽ فار دي لبريشن آف پيلسٽائين“ (پي ايف ايل پي) جي اڳواڻ جارج حباش جي تجويز تي، فلسطيني جدوجهد سان ويساهه گهاتي ڪندڙ عرب رياستن (خاص طور اُردن) خلاف آواز بلند ڪرڻ سان گڏ، اسرائيل خلاف هٿياربند جدوجهد جي شروعات ڪئي وئي. ٻئي طرف اسلام پسند فلسطيني راهنما ’ياسر عرفات‘ جي ”الفتح“ (جنهن کي دي پيلسٽائين لبريشن موومينٽ به سڏيو وڃي ٿو)، تنظيم جو وجود عمل ۾ آيو. هيءَ تنظيم فلسطين معاملي جي حوالي سان ”پنهنجي مدد پاڻ“ جي بنيادن تي شروع ڪئي وئي. پر جيئن ته ”الفتح“ جي تنظيم فلسطيني تنظيمن جي اتحاد ”پي ايل او“ سان گڏ ڪم ڪري رهي هئي، تنهنڪري کيس به هٿياربند جدوجهد جو حصو بڻجڻو پيو. انهيءَ ڪري ان ”پي ايل او“ سان گڏجي ”آصفه“ جي نالي سان هٿياربند تنظيم پڻ ٺاهي، جنهن ”فدائين“ (جانباز ڪمانڊوز) تيار ڪيا. 1969ع ”۾ مصر جي شهر قاهره ۾“ جڏهن ”پي ايل او“ جي اعليٰ ترين اداري ”فلسطين نيشنل ڪائونسل“ (PNC) جي گڏجاڻي ٿي، ته ان ۾ ياسر عرفات جي اڳواڻيءَ کي مڃتا ڏيندي، کيس ”پي ايل او“ جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو چيئرمن مقرر ڪيو ويو. پنهنجي اڌ صديءَ جي تاريخ ۾ ”پي ايل او“ اسرائيل کي پُرتشدد ۽ فوجي طريقي سان جواب ڏيڻ جون ڪافي ڪوششون ڪيون. اُن ڏس ۾ اسرائيل جي جهازن کي اغوا ڪرڻ، اسرائيل اندر بم ڌماڪا ڪرڻ ۽ خودڪش حملن جهڙا ڪيترائي طريقا استعمال ڪيا ويا، پر ”پي ايل او“ کي ڪا به خاطر خواهه ڪاميابي نه ملي سگهي آهي. ان کان علاوه عرب ملڪن به ”پي ايل او“ سان سندس جدوجهد ۾ مستقل طور تي ساٿ نه ڏنو. سيپٽمبر 1970ع ۾ اُردن حڪومت پاران ڪيل آپريشن ذريعي پي ايل او کي بلڪل ختم ڪيو ويو ۽ هزارين فلسطيني شهيد ڪيا ويا. بعد ۾ مصر طرفان 1978ع ۾ اسرائيل سان ڪيل ڪئمپ ڊيوڊ ٺاهه ۽ 1982ع ۾ لبنان جي حدن مان پي ايل او جي فوجي ڇانوڻين جي خاتمي کانپوءِ، پي ايل او عرب ملڪن جي ساٿ مان مايوس ٿي وئي. پارٽيءَ جي قائد ياسر عرفات عرب ملڪن جي مايوس ڪندڙ روين کي ڏسندي، فوجي ۽ تشدد ڀرين سرگرمين بجاءِ مُذاڪرات ۽ سفارتڪاريءَ ذريعي فلسطين جي ماڻهن کي آزاد رياست ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. انهيءَ تبديليءَ جي نتيجي ۾ مئڊرڊ ڪانفرنس (1991ع) ۾ پي ايل او کي امن پسند تنظيم قرار ڏنو ويو. گڏيل قومن جي اداري (UNO)، يورپين يونين، اسلامي مُلڪن جي تنظيم (او آءِ سي) ۽ عرب ليگ، پي ايل او کي فلسطيني عوام جي اڳواڻي ڪندڙ نمائنده تنظيم طور تسليم ڪيو. اڳتي هلي آمريڪا جي اڳوڻي صدر ’بل ڪلنٽن‘ اسرائيل ۽ فلسطين جي سياسي قيادت جي وچ ۾ ڳالهيون ڪرائڻ فلسطين ۽ اسرائيل کي ٻن الڳ ملڪن طور قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. گڏيل قومن جي ٺهراءُ نمبر: 242 ۽ 338 هيٺ اسرائيل ۽ فلسطين جي نالي سان ٻن ڌار ملڪن ۽ لاڳاپيل علائقي جي انصاف ڀري ورهاست بابت اتفاق ٿيو ۽ 1993ع ۾ پي ايل او اسرائيل جي وجود کي مڃيو ۽ جواب ۾ اسرائيل پي ايل او کي فلسطينين جي نمائنده تنظيم طور تسليم ڪيو. ان اتفاق مطابق اسرائيل کي فلسطين جي علائقن (خاص طور تي اُلهندي ڪناري ۽ غازه) تان فوجون هٽائڻيون هيون، پر اسرائيل ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن ڪري علائقي ۾ ٻيهر تشدد ڀڙڪي پيو. هن بُحران ۾ پي ايل او طرفان مذاڪرات ۽ پُرامن طريقي سان حل ڳولڻ جي ڪوشش کي، سڄي دنيا ۾ هاڪاري موٽ ملي ۽ ياسر عرفات جي اڳواڻيءَ کي وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ کلي دل سان مڃيو ويو. ياسر عرفات جي موت ۽ اسرائيل جي روزبروز وڌندڙ اڳرائي پسنديءَ واري رويي، علائقي ۾ امن جي اميد کي ڪافي ٿڌو ڪري ڇڏيو آهي. اڄڪلهه تنظيم جو سربراهه فلسطيني اٿارٽيءَ جو صدر محمود عباس آهي.
آڏو ٽيڏو
صفت. ڏنگو ڦِڏو ، آسيرو پاسيرو ، اِنگڙ وِنگڙ. جهڙو تهڙو. معمولي. اڻ وڻندڙ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal