امن پسندي
پئسيفزم
امن پسندي-عدم تشدد-اهنسا
هي اصلاح اهڙي روين، تصورن ۽ خيالن جو مجموعو آهي، جيڪي انسانذات مٿان جنگ سميت ڪنهن به تشدد ڀريي طريقي جي استعمال کي رد ڪن ٿا. هيءُ ڪو باقاعده نظريو نه آهي پر ٻن نسبتي معنائن (ا) مطلق پسندي: جيڪا ڪنهن به قميت ۽ حالتن ۾ تڪرار جي حل لاءِ جنگ يا طاقت جي استعمال کي رد ڪري ٿي، (2) نسبتي رويو: جيڪو جنگ جي استعمال کي غلط سمجهندي به حالتن جي مجبوريءَ تحت طاقت جي جوابي استعمال کي جائز قرار ڏئي ٿو ان هوندي به اهو رويو، تڪرارن جي حل جي سلسلي ۾ عدم تشدد تي ٻڌل اپائن وٺڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. انهن ٻنهي معنائن منجهان پهريون يعني ”مطلق پسندي“ دشمن جي هر وار جو جواب امن ۽ پيار سان ڏيڻ جي حامي آهي، پر ”نسبتي“ رويي وارا دشمني ڀري روش کي نظرانداز ڪرڻ بعد، مجبوريءَ ۽ سخت رد عمل جا حامي آهن، ”پئسيفزم“ قديم دور کان انساني سوچ سان سلهاڙيل رهيو آهي، قديم چين ۾ لائوزي ۽ ڪنفوشس“ ۽ مغربي دنيا ۾ عيسائيت ۽ ”جائز جنگ“ جي تصور هيٺ عيسائين طرفان وڙهيل جنگيون، مذهب جي اساسي تصور جي نفي ڪن ٿيون. يورپ ۾ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾“ دوستي جي حلقي ۽ Qua kers جي نالي ۾ امن پسندن جا ڪافي حلقا ٺهيا، پر يورپ ۾ مسلسل جاري رهندڙ جنگي ماحول، خاص ڪري نئپوليني لڙائين تمام گهڻيون تبديليون آنديون ۽ انتهائي امن پسند گروهن به جنگ ۾ طبي امداد ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ويهين صديءَ ۾ ٿيل پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ دنيا ۾ امن جي تلاش شدت سان شروع ٿي. دنيا ۾ تڪرارن جي حل لاءِ مذاڪرات ۽ ادارا قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ”قومن جي مجلس“ جو قيام عمل ۾ آيو. ان کان علاوه”اهنسا“ جي اصولن تي بيٺل ’موهن داس ڪرمچند گانڌي‘ (1948-1869ع) طرفان برطانوي راڄ خلاف هلايل تحريڪ ۽ ان جي ڪاميابيءَ، دنيا ۾ اعتماد پيدا ڪيو ته امن پسندي ڪو انفرادي رويو نه پر اجتماعي رد عمل به ٿي سگهي ٿو، جنهن جي استعمال سان مظلوم ۽ غريب قومون آزادي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿيون. آمريڪا ۾ ’مارٽن لوٿر‘ڪنگ جونيئر ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ ”آفريقي نيشنل ڪانگريس“ جون تحريڪون ، گانڌيءَ جي نظريي جي پوئواريءَ ۾ شروع ٿيون . پولئنڊ ۾ ”ساليڊرٽي“ نالي تحريڪ ثابت ڪيو ته آمريتي راڄن ۾ به امن پسنديءَ ذريعي تبديليون آڻڻ ممڪن آهي. 1945ع کان پوءِ ائٽم بم جي تخليق جيتوڻيڪ عالمي امن کي زبردست خطري ۾ وجهي ڇڏيو، پر ان جي خلاف اٿندڙ نيوڪليائي سگهه مخالف تحريڪن به شاندار ڪردار ادا ڪندي، دنيا کي تباهيءَ کان بچائڻ جون ڪامياب ڪوششون ڪيون. ان کان علاوه ”امن پسندن“ عالمي سطح تي تڪرار گهٽائڻ ۽ ادارا سازيءَ ذريعي بين الاقوامي سهڪار وڌائڻ تي به زور ڏنو، ۽ گڏوگڏ اهڙا علمي اڀياس شروع ڪرايا، جن سان جنگ بجاءِ ڳالهين ذريعي تڪرار حل ڪرڻ واري رجحان کي هٿي ملي. دنيا ۾ ٿيل ”امن اڀياس“ ان ڳالهه جو واضح دليل آهن. امن پسندي بهرحال روحاني، مذهبي انساني ۽ ڪائناتي ڀلائيءَ وارن اصولن تي بيٺل هڪ رويو آهي، جيڪو هر قسم جي تشدد جي نندا ڪندي سول نافرماني، امن تحريڪن، نيوڪليائي ڊوڙ جي خاتمي، هڙتالن، بائيڪاٽن ۽ ٻين اهنسا ڀرين بيشمار روين ذريع بين الاقوامي تعلقات ۾ صلح سانت سان مسئلا حل ڪرائي ٿو. اهو اڄ به عالمي سياست جو هڪ اهم پهلو آهي ۽ آئينده به رهندو.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal