
PET scanning
پِيٽ ـ اسڪيننگ
پوزيٽرون اِمِيشن ٽوموگرافي (positron emission tomography) جو مخفف جيڪو تشخيص جو ھڪ طريقو ۽ ان جو بنياد پوزيٽرونَ (ھڪ قسم جو نيم ايٽمي پارٽيڪل) لهڻ تي ٿئي ٿو جيڪي جسم ۾ نشان ڪيل شعاعدار مادن طور متعارف ڪرائجن ٿا. پِيٽ اسڪيننگ جسم جي ٽشوئن جي ميٽابولي ((metabolic ۽ ڪيميائي سرگرميءَ جا عڪس پيدا ڪري ٿو. پِيٽ اسڪين ورلي ايم آر آءِ (MRI) يا سي ٽي اسڪين (CT scans) سان ملائي جوڙجڪ ۽ ڪارجي لحاظ کان تفصيلي عڪس پيدا ڪجن ٿا. جسم جي بايوڪيميائي عملن لاءِ استعمال ٿيندڙ مادا، ريڊيوآئسٽوپن سان نشان ڪري پوءِ رت جي گردشي سرشتي ۾ داخل ڪجن ٿا. اھي مادا گهڻيءَ گهاٽائيءَ ۾، اھي ٽشو جذب ڪن ٿا جيڪي ميٽابوليڪلي چست ھجن ٿا. اھي مادا، پوزيٽران (positrons) خارج ڪري موٽ ۾ فوٽان خارج ڪن ٿا جن کي اسڪينر ذريعي ڳولهي سگهجي ٿو. پِيٽ اسڪينر رستي دل جي بيماري، ڳوڙھيون، مغز ۾ اپيليپٽڪ (مرگهي) سرگرمي لهي ۽ مغز جي ڪم جي چڪاس ڪري سگهجي ٿي.
پاڻي ڏيڻ
پاڻِي پهچائڻ ، پاڻي رسائڻ. پاڻي چاڙهڻ اوزار يا هٿيار کي ، آب ڏيڻ. پاڻي پيارڻ پوک کي. ملمعو ڪرڻ ڳهن تي. انجام پاڙڻ ، وعدو پورو ڪرڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal