SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ovulation

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • ouvʌleiʃən

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Ovulation

او.وِيو.لي.شن

آنجڻ، آنيدانيءَ جي ڪنھن فوليڪل مان ھڪ رسيل آني (ovum/egg) جو اسرڻ ۽ خارج ٿيڻ. ماھواري جي سائيڪل جي پھرين اڌ دوران فوليڪل اسٽيميوليٽنگ ھارمون (follicle-stimulating hormone/FSH) آنيدانيءَ ۾ ڪيترن آنن کي رسائين ٿا. وچين سائيڪل دوران ليوٽينائيزنگ ھارمون luteinizing hormone/LH)) ھڪ رسيل آني کي خارج ڪن ٿا. آنجڻ جي نشانين ۾ شامل ٿين ٿيون: جسم جي گرمي پد ۾ واڌ، ڳھڻ جي لعاب ۾ تبديليون ۽ ورلي پيٽ جو ھلڪو سور (ڏسو، mittelschmerz). آنجڻ کانپوءِ فوليڪل مان ھڪ پيلو مادو پيدا ٿئي ٿو ۽ ڪارپس ليوٽم (corpus luteum) سڏجي ٿو، سائيڪل جي ٻئي اڌ دوران ھڪ ھارمون پروجيسٽيرون (progesterone) خارج ڪري ٿو. خارج ٿيڻ کانپوءِ آنو، فيلوپين نليءَ (fallopian tube) ۾ ھلڻ شروع ڪري ٿو جيڪڏھن ان دوران نَرجي (fertilization) نٿو سگهي ته ماھواري (menstruation) دوران خارج ٿي وڃي ٿو. عام طور تي باقاعدگيءَ سان ماھواري اچڻ جو مطلب، آنجڻ جو عمل ٿيندو رھڻ ٿئي ٿو جيڪو سواءِ سامائجڻ (puberty) کان اڳ واري دور ۽ سنڍجڻ (menopause) کي رسڻ کان اڳ ۾ تائين ھلي ٿو.


Remember Me Also:

لم نم ڪرڻ

لِم نِمَ ڪرڻ

بلڪل ٿورو چمڪڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal