SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Overcrowding, dental

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ouvəkraudiŋ
  • dentl
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Overcrowding, dental

او.ور. ڪرائوڊنگ ـ ڊينٽل

ڏندن جي گهڻي ڳتيل ھجڻ سبب ڄاڙيءَ ۾ عام رواجي طرح سان موجود ٿي نه سگهڻ. عام طور تي ڏندن جي ڳُت موروثي ٿئي ٿي جنھن جو ڪارڻ ڏندن جو ڄاڙيءَ کان گهڻو وڏو ھجڻ يا ڄاڙيءَ جو گهڻو ننڍڙو ھجڻ ٿئي ٿو جنھن سبب ڏندن کي ٿانيڪو ڪري نٿي سگهي. پھريائتن/ کيرن (primary) مولر ڏندن جي وقت کان اڳي ضايع ٿيڻ سان انھن جي پٺيان وارا پڪا (permanent) ڏند پنھنجي جاءِ ڇڏي اڃا اڳتي ڳتجي وڃن ٿا. ڏندن جو ڳتجڻ مالئاڪيوليش پيدا ڪري سگهي ٿو يا ڪن ڏندن کي مھار کان نڪرڻ نٿو ڏئي (ڏسو، impaction, dental). انھن کي صاف ڪرڻ ڏکيو ٿئي ٿو جنھن سبب ڏندن جي خراب ٿيڻ جو خطرو رھي ٿو (ڏسو، caries, dental and periodontal disease). اھو به ممڪن ٿئي ٿو ته ڪن ڏندن کي ڪڍڻو پوي ته جيئن ٻين لاءِ جاءِ پيدا ڪري سگهجي.


Remember Me Also:

هود

هُودُ

ذ . پکيءَ جو هڪ قسم.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal