SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ovary, polycystic

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ovary
  • polycystic
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Ovary, polycystic

او.وَري ـ پالي.سس.ٽڪ

ان بيماريءَ کي اسٽين ـ ليوينٿال سنڊروم (Stein–Leventhal syndrome) نالي سان به سڏجي ٿو جنھن جي عام نشاني ماھواري بي قاعدي ۽ گهٽ وڌ اچڻ (oligomenorrhea) يا ماھواري نه اچڻ (amenorrhoea)، اَويجهائپ (infertility)، ججها وار پيدا ٿيڻ (hirsutism)، موھيڙا ۽ ٿلهائپ ٿئي ٿي. عام طور تي آنيدانيءَ ۾ گهڻيون سسٽون ٿين ٿيون. ڪيترين عورتن کي پاليسسٽڪ اووَرين ھوندي به عام عمر ۾ ماھواري اچي ٿي پر ھڪ ٻن سالن کانپوءِ اھا انتھائي بي قاعدي ٿي پوءِ بند ٿي وڃي ٿي. ھن بيماريءَ جي اصل ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي پر اھا ليوٽِينائيزنگ ھارمون (luteinizing hormone /LH) ۽ ٽيسٽوسٽيرون (testosterone) ۽ انسولن جي مزاحمت (جنھن سبب جسم جا سيل انسولن لاءِ مزاحمت رکندڙ ۽ لب لبه مان حد کان وڌيڪ انسولن پيدا ڪرائيندڙ ته جيئن کوٽ پوري ٿي سگهي) سان عام رواجيءَ کان وڌيڪ سطحن سان لاڳاپيل ٿئي ٿي. علاج جو مدار تڪليف آھر ڪجي ٿو جنھن ۾ واڌو وزن گهٽائڻ، ميٽفارمن (metformin) ڏيڻ ته جيئن اِنسولن لاءِ حساسيت وڌائي سگهجي، ھارمون (جھڙوڪ: حمل روڪ گوريون، پروجيسٽوجن ۽ اينٽي اينڊروجن دوائون) ته جيئن ٽيسٽوسٽيرون جو اثر ختم ڪري ماھواريءَ جي بي قاعدگين ۽ موھيڙن جو علاج ٿي سگهي، اَويجهه لاءِ ڪلوميفين (clomifene) ۽ ججهن وارن لاءِ ڊپليٽوريز (depilatories) يا اليڪٽرولائيسز (electrolysis) استعمال ڪجي ٿي. عام طور تي پاليسسٽڪ اوورِيز جسم ۾ ايسٽروجن جي مٿاھين سطحن سان لاڳاپيل ٿين ٿيون جيڪي اينڊوميٽريل (endometrial) ڪينسر ٿيڻ جا خطرا وڌائي ڇڏين ٿا (ڏسو، uterus, cancer of).


Remember Me Also:

ڏن ڀرو

ذ. صفت. ڏَنُ ڀريندڙ ، تابعدار ، زيردست. باجگذارُ ، آنِڪِي ڀريندڙ ، ڍَلَ ڀَروُ. مُرِيدُ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal