
Ovary, cancer of
او.وَري ـ ڪينسر ـ آف
آنيدانيءَ جي ڪينسري واڌ جيڪا پھريائتي (primary، آنيدانيءَ مان پيدا ٿيندڙ) يا ثانوي (secondary، جسم جي ڪنھن ٻئي حصي مان وگهريل) به ٿي سگهي ٿي. آنيدانيءَ جي ڪينسر ڪھڙيءَ به عمر ۾ ٿي سگهي ٿي جڏھن ته 50 سالن کانپوءِ ۽ جن کي ڪڏھن ٻار نه ٿيو ھجي گهڻي عام ٿئي ٿي. ذاتي/خاندان ۾ ٿيندڙ (خاص طور تي 50 سالن کان گهٽ عمر جي مائٽ) آنيداني، ڇاتيءَ يا آنڊي جي ڪينسر جا اھم/ خطرناڪ پھلو ٿين ٿا. گاڏڙ ھارمونن واريون حمل روڪ (oral contraceptive) گوريون خطرا گهٽائيندڙ ٿين ٿيون. گهڻين حالتن ۾ آنيدانيءَ جي ڪينسر تيستائين تڪليف/ نشاني پيدا نٿي ڪري جيستائين گهڻي وگهري نٿي وڃي. ان جي پھرين نشاني مبھم اھنج ۽ پيٽ جي سوڄ، اوڪارا، الٽي، گرڀ ناليءَ مان غيرمعمولي رت اچڻ ۽ پيٽ ۾ غيرمعمولي طور تي پاڻي ڀرجي وڃڻ (ascites) ٿئي ٿو. جيڪڏھن آنيدانيءَ جي ڪينسر جو شڪ ھجي ته ڊاڪٽر نھائينءَ ۾ ڪنھن به سوڄ ھجڻ جي طبي چڪاس ڪري ٿو. ممڪن ٿئي ٿو ته تشخيص ڪرڻ لاءِ الٽراسائونڊ اسڪين، رت جي چڪاس ۽ گهڻي ڀاڱي ٻيا طريقا جھڙوڪ: لئپورواسڪوپي (laparoscopy)، سي ٽي اسڪين يا ايم آر آءِ اسڪيننگ (CT/MRI scanning,) ۽ ايسپائريشن (aspiration) استعمال ڪجن. علاج طور، آپريشن رستي ڳوڙھي ڪڍي ڇڏجي ٿي يا جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي ٿو ڪينسري ٽشو خارج ڪري ڇڏجن ٿا. جنھن لاءِ عام طور تي سالپنجواوفوريڪٽومي (salpingo-oophorectomy) ۽ ھسٽيريڪٽوميءَ (hysterectomy) کانپوءِ ريڊيوٿراپي (radiotherapy) ۽ اينٽي ڪينسر (anticancer) دوائون ڏجن ٿيون.
اصلحه الله
جملو، خدا شال هن کي صالح ڪري.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal