SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ovarian cyst

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ouvɛəriən
  • sist
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Ovarian cyst

او.وَي.ريئن سسٽ

آنيدانيءَ (ovary) جي سِسٽ/ غيرمعمولي پاڻيٺ سان ڀريل سوڄ. آنيدانيءَ جون سسٽون عام ۽ ڪيترين حالتن ۾ اَڪينسري (noncancerous) ٿين ٿيون. انھن ۾ گهڻي عام قسم جي فوليڪيولر سسٽ (follicular cyst) ٿئي ٿي جنھن ۾ آنو پيدا ڪندڙ فوليڪل واڌ ڪري پاڻيٺ سان ڀرجي وڃي ٿي. ان کانسواءِ سِسٽون ڪارپس ليوٽيم (corpus luteum) ۾ به پيدا ٿي سگهن ٿيون جيڪو ٽشوئن جو ھڪ اھڙو مادو ٿئي ٿو جيڪو آنجڻ (ovulation) کانپوءِ فوليڪل مان پيدا ٿئي ٿو. سسٽون ٻن قسمن جون؛ ڊرموائڊ سسٽون (dermoid cysts) ۽ ڪينسري سسٽون (cancerous cysts) ٿين ٿيون (ڏسو، ovary, cancer of). عام طور تي آنيدانين جون سسٽون تڪليف پيدا نٿيون ڪن ته ڪي پيٽ جو اھنج، ھمبستريءَ دوارن درد يا ماھواريءَ جون بيقاعدگيون جھڙوڪ: ماھواري نه اچڻ (amenorrhoea)، ماھواري حد کان وڌيڪ اچڻ (menorrhagia) يا ماھواري تڪليف سان اچڻ (dysmenorrhoea) پيدا ڪن ٿيون. جيڪڏھن ڪنھن سسٽ ۾ مروڙ اچي يا ڦاٽي پوي ته پيٽ جو شديد سور، اوڪارا ۽ بخار ٿي سگهي ٿو. جنھن لاءِ آپريشن ڪرڻي پوي ٿي. اھو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته عام طور تي نھائين جي تپاس (pelvic examination) دوران آنيدانيءَ جي ڪنھن سسٽ ھجڻ جي ڄاڻ پوي ۽ ان جي ھنڌ ۽ سائيز جي الٽراسائونڊ (ultrasound) يا ليپرواسڪوپي (laparoscopy) رستي پڪ ڪجي. گهڻين حالتن ۾ آنيدانين جون ساديون سسٽون ـ سنھي تھه واريون يا پاڻيٺ ڀريل پنھنجو پاڻ ختم ٿي وڃن ٿيون. جڏھن ته پيچيده (جھڙوڪ: ڊرموائڊ سسٽون) سسٽن کي گهڻي ڀاڱي آپريشن رستي خارج ڪرڻو پويٿو. جيڪڏھن آنيدانيءَ جا ڪا سسٽ خاص طور تي وڏي ھجي ته ممڪن ٿئي ٿو ته آنيداني کي نيڪال ڪرڻو پوي (ڏسو، oophorectomy).


Remember Me Also:

ٺوڙڪي

اسم خاص. جاتيءَ ۽ ٽنڊي باگي تعلقن ۾ ديهن جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal