
Otosclerosis/otospongiosis)
(او.ٽو.اسڪلي.رو.سس) وچين ڪن جي تڪليف جنھن سبب ٻوڙائپ (deafness) وڌندي رھي ٿي. عام طور تي اوٽواسڪليروسس ٻنھي ڪنن ۾ تڏھن ٿي پوي ٿي جڏھن ھڏي جي حد کان وڌيڪ ٿيندڙ واڌ رڪيب (stapes، وچين ڪن جي بلڪل اندرين ٽن ننڍڙين ھڏڙين مان ھڪ) کي اَچل ڪري ڇڏي ٿي، نتيجي ۾ آواز جو لهرون ھڏي مان اندرين ڪن تائين سولائيءَ سان رسي نٿيون سگهن. اوٽواسڪليروسس واري فرد لاءِ آواز جهڪا ٿين ٿا پر تڏھن انھن ۾ سولائيءَ سان فرق ڪري سگهجي ٿو جڏھن پسمنظر ۾ ڪو آواز ھجي ٿو. عام طور تي اوٽواسڪليروسس خاندانن ۾ ھلندي رھي ٿي جنھن جون گهڻي ڀاڱي تڪليفون ٻالڪپڻي جي اوائل ۾ ظاھر ٿيڻ شروع ٿين ٿيون. جنھن ۾ مردن کان وڌيڪ عورتون مبتلا ٿين ٿيون ۽ عام طور تي حمل دوارن پيدا ٿين ٿيون. ٻڌڻ جي سگهه 10 کان 15 سالن جي عرصي دوران آھستي آھستي گهٽجڻ شروع ٿئي ٿي جنھن سان گڏ عام طور تي ڪنن جو وڄڻ (tinnitus) ۽ ورلي ڦيري (vertigo) به ٿي پوي ٿي.ڪنھن حد تائين سينسِونيورول ڊِيفنيس (deafness sensorineural) به پيدا ٿي سگهي ٿي جنھن سبب ھاءِ ٽون ٻڌڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ۽ متاثر فرد کي ڏاڍيان ڳالهائڻو پوي ٿو. ان تڪليف جي سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ ٻڌڻ جي سگهه جي چڪاس ڪرڻي پوي ٿي. ان جي علاج لاءِ آپريشن لاءِ اسٽيپيڊوٽومي (stapedotomy، رڪيب ۾ ھڪ ننڍڙو سوراخ ڪجي ٿو) يا اسٽيپيڊيڪٽومي (stapedectomy، رڪيب خارج ڪري ان جو مصنوعي نعم البدل استعمال ڪجي ٿو) ڪرڻي پوي ٿي. نه ته ٻڌڻ جي اوزار (hearing-aid) استعمال ڪرڻ سان به عام طور تي ٻڌي سگهجي ٿو.
آفتاب جمال
صفت. خوبصورت ، حسين.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal