SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Otitis media

(click word to listen sound
  • 🔊
  • otitis
  • mediiːvəl
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Otitis media

اوٽائيٽس ـ ميڊيا

وچين ڪن (ear) جي سوزش جيڪا وائرسي يا بئڪٽيريائي انفيڪشن سبب يواسٽيشيئن (eustachian) ناليءَ تائين پکڙجي سگهي ٿي جيڪا نڪ جي پٺيان کان وچين ڪن تائين ٿئي ٿي، سوزش سبب نالي بند ٿي سگهي ٿي يا سڄي ويل ايڊينوائڊ (adenoids) سبب پاڻيٺ ۽ پونءِ ٻاھر خارج ٿيڻ جي وچين ڪن ۾ گڏ ٿي وڃي ٿي. ٻارڙا، خاص طور تي 7 سالن کان ننڍا اوٽائيٽس ـ ميڊيا لاءِ حساس ٿين ٿا ته ڪن کي اٿلي پوي ٿي. شديد اوٽائيٽس ـ ميڊيا اوچتو شديد ڪن جو سور، ڪن جي ڀريل ھجڻ جو احساس، ٻوڙائپ، ڪن جو وڄڻ (tinnitus) ۽ بخار ڪري وجهي ٿي. ممڪن ٿئي ٿو ته دھلڙي (eardrum) ڦاٽي پوي جنھن سبب ان کي ڇٽڻ ۾ عام طور تي ڪجهه ھفتا لڳي وڃن ٿا. جنھن جي جاچ لاءِ وچين ڪن جي اوٽواسڪوپ (otoscope) رستي چڪاس ڪجي ٿي، دھلڙي ڳاڙھي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته ٻاھرتي نڪري پوي. علاج لاءِ انلجيسڪ (analgesic) ۽ ورلي اينٽيبِياٽڪ (antibiotics) دوائون ڏجن ٿيون. جڏھن ته ٻالڪپڻي جا ڪيترا انفيڪشن وائرسي ٿين ٿا. اوٽائيٽس ميڊيا جي ھڪ ممڪن پيچيدگي، گِلو ايئر (glue ear) ٿئي ٿي جنھن ۾ ھڪ گهاٽي پاڻيٺ پيدا ٿي ٻڌڻ کي متاثر ڪري ڇڏي ٿي. ان جي خاص طور تي ٻارن ۾ پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ شديد يا اٿلي پوندڙ اوٽائيٽس ميڊيا ٿئي ٿي. ٻين پيچيدگين ۾ ٻڌڻ جي سگهه جو متاثر ٿيڻ ۽ ڪوليسٽيئٽوما (cholesteatoma) ٿئي ٿي. ورلي حالتن ۾ اوٽائيٽس ميڊيا اندر پکڙجي ميسٽوئيڊائيٽس (mastoiditis) پيدا ڪري ٿي.


.


Other Phrases of Otitis media used in Daily life:

Remember Me Also:

خواجه خضر

اسم خاص. هڪ نبيءَ جو نالو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان کي حيات حاصل ٿيو، ان ڪري هن کي ”پاڻيءَ جو بادشاهه“ سڏيو وڃي ٿو ۽ زنده آهي ، زنده پير ، زنده ولي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal