SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Osteoporosis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • osteoporosis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Osteoporosis

آس.ٽيئو.پورو.سس

ھڏي جي ٽشوءَ جي ڳرڻ سبب نه رڳو ھڏو ٽاڪڻو ٿي پوي ٿو ته ڀڄي به سولائي سان پوي ٿو. عمر سان گڏ ھڏي جو ڳرڻ ھڪ قدرتي عمل ٿئي ٿو. جڏھن ته عورتون خاص طور تي سنڍجڻ (menopause) کانپوءِ ھڏن جي ڳوڙھائپ ضايع ٿيڻ لاءِ حساس ٿي پون ٿيون. ڇاڪاڻ ته، انھن جون آنيدانيون ايسٽروجن (oestrogen) ھارمون پيدا ڪري نٿيون سگهن جيڪي ھڏن جي نھرائپ قائم رکن ٿا. ان جي ٻين ڪارڻن شامل ٿين ٿا آنيدانيون ڪڍرائي ڇڏڻ، اھڙو کاڌو کائڻ جنھن ۾ ڪيلشم جي کوٽ ھجي، کاڌي جي ناقص جذبيت (malabsoption)، ڪي ھارموني نقص، ڊگهي عرصي تائين ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroids) ھارمونن رستي علاج ۽ ڊگهي عرصي تائين چرپر نه ڪرڻ. گهڻي تماڪ استعمال ڪندڙن ۽ گهڻن سنھڙن فردن ۾ آسٽيئوپوريسس گهڻي عام ٿئي ٿي. عام طور تي ان جي پھرين نشاني ھڏي جو ڀڄي پوڻ ٿئي ٿو خاص طور تي ڪرائيءَ جي مٿان يا سٿريئي (femur) جي چوٽي وٽان. اوچتو ھڪ يا وڌيڪ ريڙھيون ٽٽڻ سبب، ھڏا ڍيري ٿي پون ٿا جنھن سبب قد گهڻو ننڍو ٿي پوي ٿو يا ڪرنگهي جي تنت جي دٻجڻ ڪري سور پيدا ٿي پوي ٿو. آسٽيئوپوريسس جي ڊينِسٽومٽريءَ (densitometry) رستي پڪ ڪجي ٿي جھڙوڪ: ڊيڪسا اسڪين (DEXA scan). ھڏي جي ضايع ٿيڻ کي ججهي ڪيلشم ۽ وٽامن ڊي واپرائڻ سان گهٽائڻ سميت لاڳيتو ڪسرت ڪرڻ سان ھڏن کي جوڙي ۽ سگهارو ڪري سگهجي ٿو. بسفاسفونيٽ (bisphosphonate) دوائن رستي ھڏن جي ضايع ٿيڻ کي بچائي سگهجي ٿو، جيڪڏھن بسفاسفونيٽ موزون ٿي نه سگهي ته ريلوڪسِيفين (raloxifene)، اسٽرونٽيئم رنيليٽ (strontium ranelate) يا ڪالسيٽونن (calcitonin) ڏئي سگهجي ٿي. جڏھن ٻيون دوائون اثرائتيون يا موزون ثابت نه ٿينديون ھجن ته سنڍ ٿي ويل عورتن لاءِ ھارمون ريپليسمينٽ ٿراپي (hormone replacement therapy/HRT) لاءِ سوچي سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

ٽکڙ

ث. جانور کي اڳين ۽ پوئين پير ۾ ڏِنلُ ڏاوَڻُ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal