
آسٽيو مائليٽس
ھڏي مک سوڄ، مغز سوڄ
Osteomyelitis
آس.ٽيئو.مايا.لا.ئيٽس
عام طور ھڏي (bone) ۽ ھڏي جي مِکُ (bone marrow) جو بئڪٽيريا سبب ٿي پوندڙ انفيڪشن. اسريل ملڪن ۾ نسبتاً گهٽ پر ٻارڙن جي ٻانھن ۽ ٽنگ جي ڊگهي ھڏي ۽ ريڙھن (vertebrae) ۾ گهڻو عام ٿئي ٿو، وڏن جي گهڻي ڀاڱي ڍونگري ۽ ريڙه جي ھڏي متاثر ڪري ٿو. شديد آسٽيومائيليٽس جي حالت ۾ انفيڪشن (عام طور تي Staphylococcus aureus)، چمڙيءَ جي ڪنھن ڦٽ يا جسم ۾ موجود ڪنھن ٻئي ھنڌ تان رت جي گردش ۾ داخل ٿئي ٿو. متاثر ھڏو ۽ گودو سوزش ڪري پونءِ پيدا ڪن ٿا، بخار ۽ شديد سور سان گڏ ھڏو ڏکڻو ٿي پوي ٿو ۽ متاثر ھنڌ جي چمڙي جي سوزش ۽ سوڄ ٿي پوي ٿي. ترت علاج شروع ڪري اينٽيبِياٽڪ (antibiotics) دوائن جا ڪيترن ھفتن يا مھينن تائين وڏا وزن ڏيڻ سان عام طور تي شديد آسٽيوميلائيٽس کان شفا ملي ٿي. جيڪڏھن ان سان فائدو نه ٿئي تي آپريشن رستي ھڏي کي وائکو، متاثر حصي کي انفيڪشن ۽ مردار ھڏي کان صاف ڪري پونءِ خارج ڪجي ٿي. جيڪڏھن پراڻيءَ آسٽيوميلائيٽس کي نظرانداز ڪجي يا علاج جي موٽ نه ڏئي ته ڪنھن ڪمپائونڊ فريڪچر يا ورلي ٽي بيءَ جي نتيجي ۾ جسم جي ڪنھن ٻئي حصي کان پکڙجي شديد ٿي وڃي ٿي. جنھن سبب متاثر ھڏي ۾ لاڳيتو سور رھي ٿو. ان جي پيدا ٿيندڙ پيچيدگين ۾ دائمي بي ڊولائپ، ٻارن ۾ متاثر ھڏي جي واڌ بند ٿي وڃڻ ٿئي ٿي. اڳتي ھلي بيماري اميلوائڊس (amyloidosis) ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. پراڻي آسٽيوميلائيٽس جي حالت ۾ سڄي متاثر ھڏي کي خارج ڪرڻو پوي ٿو ته ان کانپوءِ ورلي ھڏي جي پيوندڪاري (bone graft) سان گڏ اينٽيبِياٽڪ دوائون به تجويز ڪجن ٿيون.
اکائيڇڏڻ
ڌيان تي آڻي ڇڏڻ. نظر ۾ ڏيکاري ڇڏڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal