
آسٽيومليسيا
نرم ھڏاغذائي ڪمي سبب ڪچڙا ھڏا
Osteomalacia
آس.ٽي.ئو.مَلي.شيا
نوجوانن ۾ وٽامن ڊيءَ (D) جي کوٽ سبب ھڏن جو نرم، ڪمزور ۽ معدنيات جو خارج ٿيڻ، ان حالت کي ھڏڙِي (rickets) سڏجي ٿو. آسٽيئومليشيا دنيا جي اسريل ملڪن ۾ گهٽ ٿئي ٿي، گهڻي عام ڳؤرھارين يا ڇاتين تي پالنا ڪندڙن عورتن، گهرن تائين محدود رھندڙن، وڏڙيءَ عمر وارن، گهري رنگ جي چمڙي وارين فردن جي اھڙن ملڪن ۾ رھڻ سبب متاثر ڪري ٿي جتي سندن ديس کان سج جي روشني گهٽ ھجي ٿي. ھڏن جي صحتمند واڌ ٿيڻ لاءِ ڪيلشم ۽ فاسفورس جي گهرج ٿئي ٿي جيڪي کاڌي مان تيستائين جذب ٿي نٿا سگهن جيستائين وٽامن ڊي (ڪيترن کاڌن ۾ ٿئي ٿي ۽ سج جي روشنيءَ مان چمڙي تيار ڪري ٿي ) ججهي مقدار ۾ موجود نه ھجي. آسٽيئومليشيا جي ڪارڻن ۾ شامل ٿين ٿا اھڙو کاڌو جنھن ۾ وٽامن ڊي گهٽ مقدار ۾ موجود ھجي، سيليئڪ (coeliac) بيماريءَ يا آنڊي جي آپريشن کانپوءِ ناقص جذبيت (malabsorption) جو پيدا ٿيڻ يا سج جي روشنيءَ ۾ گهٽ وائکو ٿيڻ. آسٽيئومليشيا سبب ھڏن جو سور، مشڪن جي ڪمزوري ۽ جيڪڏھن رت ۾ ڪيلشم جي مقدار گهڻو گهٽ ھجي ته ٽيٽينِي (tetany) ٿي پوي ٿي. ڪمزور ھڏا ڦرڻ/ چٻي ٿيڻ ۽ ٽٽي پوڻ لاءِ حساس ٿي پون ٿا. علاج طور وٽامن ڊيءَ جا واڌو وزن واپرائڻ ٿئي ٿو. سج جي روشنيءَ ۾ ڪجهه عرصو وڌيڪ وائکي ٿيڻ سان به فائدو ٿئي ٿو. سن اسڪرين استعمال نه ڪرڻ گهرجن. جڏھن سج تمام تيز ھجي ته پاڻکي ان ۾ وائکي ٿيڻ کان پاسو ڪجي. جيڪڏھن آسٽيوميليشيا جو ڪارڻ ناقص جذبيت ھجي ته ان لاءِ ڪيلشم جا واڌو وزن استعمال ڪري سگهجن ٿا.
واسي
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal