
Osteogenesis imperfecta
fragilitas ossium
(آس.ٽيئو.جيني.سس ـ اِمپرفيڪٽا) ھڪ اھڙو پيدائشي نقص جنھن سبب ھڏا غيررواجي طور تي ٽاڪڻا ٿي ڀڄي پوڻ جي غيرمعمولي خطري ۾ رھن ٿا. ان جو ڪارڻ ڪنيڪٽو ٽشوئن جو نقص ٿئي ٿو جيڪي ھڏي جو بنيادي مادو جوڙين ٿا. ڪيترا ابھم گهڻن ٽٽل ھڏن ۽ نرم کوپريءَ سان پيدا ٿين ٿا ۽ عام طور تي زنده رھي نٿا سگهن. ٻين ٻارن جا عام رواجي ڪم ڪارين ۽ سرگرمين سبب ٻالڪپڻي دوران ھڏا ٽٽي پون ٿا ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته ان جو ٻالڪ تشدد (child abuse) کان فرق محسوس ڪري نه سگهجي. ان جي ھڪ عام نشاني اکين جي سفيدي غيرمعمولي طور تي سنھڙي ۽ ڏسڻ ۾ نيري اچي ٿي. ممڪن ٿئي ٿو ته متاثر فرد آسٽواسلڪيروسس (otosclerosis) سبب ٻوڙو به ھجي. گهڻين معمولي حالتن جي ممڪن ٿئي ٿو ته بالغ ٿيڻ يا پوءِ واريءَ عمر ۾ ڄاڻ نٿي رکجي. ھن بيماريءَ جو ڪو مخصوص علاج ڪونھي. ڀڳل ھڏن جي چرڻ پرڻ کي بند ڪري ڇڏڻ سان عام طور تي جلد ڇٽي وڃن ٿا ۽ ممڪن ٿئي ٿو ٽنگن ٻانھن جي لنڊائپ ۽ بي ڊولائپ پيدا ٿي نتيجي ۾ غيرمعمولي بندرائپ پيدا ڪري وجهن. کوپري جي ڀڄڻ سبب دماغ کي نقصان پھچي يا مري سگهجي ٿو. والدين چاھين ته مستقبل جي ٻارن ۾ بيماري جي خطري پيدا ٿيڻ جي اندازي لڳائڻ لاءِ جينيٽڪ/ جينياتي مشاورت (genetic counselling) ڪري سگهن ٿا. شديد ڪيسن جي حالت ۾ پيدائش کان اڳ ۾ الٽراسائونڊ اسڪيننگ رستي ڄاڻ رکي سگهجي ٿي.
نرم دل
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal