
Osteochondritis dissecans
آس.ٽيئو.ڪان. ڊراءِ. ٽس ـ ڊسي.ڪينس
ڪنھن به سنڌ جي مٿاڇري ھيٺان ھڏي جي بگاڙ سبب ھڏي ۽ڪارٽيليج جي ٽڪرن جو الڳ الڳ ٿي وڃڻ جنھن سبب ڪو سنڌ بند ٿي سگهي ٿو. عام طور تي اھا حالت گوڏي کي متاثر ڪري ٿي ۽ گهڻي ڀاڱي نوجوانيءَ ۾ شروع ٿئي ٿي. ان جي تڪليفن ۾ متاثر سنڌ جو تڙپائيندڙ سور ۽ وقت به وقت ٿيندڙ سوڄ شامل ٿئي ٿي. جيڪڏھن ڪو ٽڪرو مڪمل طور تي ھڏي کان الڳ ٿي نه سگهيو ھجي ته سنڌ تي پلستر چاڙھي ان جي چرپر مڪمل طور تي بند ڪرڻ سان ٽڪرو وري لڳي سگهي ٿو. گوڏي جي گهرگهلي ھڏي يا ڪارٽيليج جا ٽڪرا آرٿرواسڪوپيءَ (arthroscopy) دوارن الڳ ڪري سگهجن ٿا. متاثر ھڏي جي مٿاڇري جي لسائپ ۾ گڙٻڙ پيدا ٿيڻ سان آسٽيئوآرٿرائيٽس (osteoarthritis) ٿيڻ جو خطرو وڌي سگهي ٿو.
ڪٽ
ث. سن. ڪَرتَنَ = ڪَٽَڻُ وَڍَ ڪُٽَ ، ڪاٽَ ، تخفيف ، وضع ، ڇانٽَ ، ڪَٽَ ، ڪُوٽَ ، ڪَتَرَ ، گهٽتائي ، گهَٽاءُ ، لاٿَ ، گهٽ ڪرڻ جي حالت. رياضي ۾ هڪ نشاني ، جو نالو ، ڪاٽو. حِسابُ. غرض. سن. ڪئٽ = چيلهه. چيلهه ، ڪَمَرَ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal