
گنٺيو
گنٺِيو (گاٺيو، هڏن جو سور)
Osteoarthritis
آس.ٽيئو.آر.ٿرا.ءِ.ٽس
سَنڌ (joint) جي ھڪ عام بيماري جنھن ۾ ان ڪارٽيليج جو بگاڙ پيدا ٿئي ٿو جيڪو سنڌن جي استر سان ٿئي ٿو يا آسٽيوفائيٽس (osteophytes) جي جُڙن سان پيدا ٿئي ٿو جنھن سبب سور، سوٽائي ۽ ورلي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو. آسٽيئوآرٿرائيٽس جي پيدا ٿيڻ جو گهڻو عام ڪارڻ سنڌن جي گاٺ ۽ سنڌن جو وزن برداشت ڪرڻ ٿئي ٿو. جيڪڏھن سور سبب سنڌ باقاعديءَ سان استعمال ڪري نه سگهجي ته ڪمزوري ۽ آسپاس جي مشڪن جي سوس پيدا ٿي پوي ٿي. متاثر سنڌ وڌي وڃن ٿا ۽ آسٽيوفائيٽس سبب بگاڙ پيدا ٿي پوي ٿو. تقريباً 60 سالن کان مٿي وارن سڀني فردن ۾ آسٽيئوآرٿرائيٽس جي تڪليف پيدا ٿي پوي ٿي. وقت کان اڳ تڪليف پيدا ٿيڻ جي ڪارڻن ۾ شامل ٿين ٿا، ڪنھن سنڌ جي گاٺ يا ضرب يا پيدائشي نقص يا سنڌ ۾ ھڏن جو بدگونيا ۾ ھجڻ، ٿلهائپ يا ڪنھن بيماريءَ جھڙوڪ: گائوٽ سبب سوزش. شديد آسٽيئوآرٿرائيٽس مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي ٽيڻ تي وڌيڪ متاثر ڪري ٿي. آسٽيئوآرٿرائيٽس جو ڪو به علاج ڪونھي، تڪليفن ختم ڪرڻ لاءِ نان اسٽيروائڊل اينٽي انفليميٽري (nonsteroidal antinflammatory drugs) دوائون، انلجيسڪ (analgesics)، ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) دوا جون متاثر سنڌن ۾ انجيڪشنون ھڻي ۽ فزيوٿراپي ڪرائي سگهجي ٿي. عام طور تي بيحد وزني فردن جي وزن گهٽ ڪرڻ سان کين تڪليفن کان نجات ملي ٿي. ڪسرت رستي وزن گهٽ ڪرڻ (ضروري سمجهجي ته) ۽ مشڪن کي سگهاري ڪرڻ سان فائدو ٿئي ٿو. شديد آسٽيئوآرٿرائيٽس جي حالت ۾ آرٿوپلاسٽي (arthroplasty) ۽ آرٿروڊيسس (arthrodesis) جھڙي آپريشن شامل ٿئي ٿي.
کنڊڻ
ث . مال جي ڊگهه وارو رَسو ، ڦاهِي ، ڦاسي ، دامُ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal