SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Orthodontic appliances

(click word to listen sound
  • 🔊
  • orthodontic
  • əplaiənsiz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Orthodontic appliances

آر.ٿو.ڊان.ٽڪ ـ اَ.پلائينسز

کي عام طور تي بريسز (braces) به سڏجي ٿو جيڪي ھڻي ڇڏجن ٿا يا ڪڍي به سگهجن ٿا. انھن رستي مالئاڪوليشن (malocclusion) درست ڪجي ٿي يا ڳتيل ڏندن يا بَڪ ٽيٿ (buck teeth) کي اصل ھنڌ تي ٿانيڪو ڪجي ٿو. عام طور تي ٻالڪپڻي ۽ نوجواني ۾ استعمال ڪجي ٿو، انھن جي لاڳيتو پوندڙ ھلڪي دٻاءَ سبب ڏندن ۾ چرپر پيدا ٿئي ٿي. فڪسڊ اپلائنس ۾ بريڪيٽَ ھڪ آرڪ وائر (arch wire) رستي ڏندن سان ڳنڍيل ٿين ٿا ۽ انھن جي سختيءَ سبب دٻاءَ پيدا ڪندا رھن ٿا. پنھنجي ھنڌ تي اٽڪل ھڪ سال تائين ڇڏي ڏجن ٿا ان کانپوءِ ھڪ ريٽينر پليٽ (retainer plate) جي گهرج پئجي سگهي ٿي ته جيئن ڏندن کي تيستائين پنھنجيءَ جاءِ تي ٿانيڪو ڪري سگهجي جيستائين ڏند ۽ ڄاڙيءَ جي واڌ پوري ٿي سگهي. رموئبل اپلائينس ۾ ھڪ پلاسٽڪ جي پليٽ ھڪ سنجٽ رستي پوين ڏندن جي رڳو ھڪ يا وڌيڪ ڏندن کي درست ڪرڻ لاءِ استعمال ڪجي ٿو، جيڪي اسپرنگن (springs)، وائر بوز (wire bows)، اسڪروئن (screws) يا رٻڙائين بينڊن (rubber bands) رستي پليٽ سان فٽ ٿيل ٿين ٿا دٻاءَ لڳائين ٿا.


Remember Me Also:

هڏڪي ٿيڻ

هِڏِڪِي ٿِيَڻُ

ساروڻي ٿيڻ، ڪنهن جو ياد ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal