SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Orientation

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • ɔːrienteiʃən

From the Dictionary of Haematology:

Orientation

اوريئنٽيشن

تعارف، واقفيت


From the Dictionary of Official Terms:

Orientation

تعارف- مشرقي


From the Dictionary of International Relations:

Orientation

اوريئنٽيشن

لڪل اهم مقصد

بين الاقوامي برادريءَ آڏو، جڏهن به ڪنهن رياست يا مُلڪ جي اختيار ڪيل پرڏيهي پاليسي سامهون ايندي آهي، ته انهيءَ جي هر نُڪتي کي غور ۽ ويچار سان جاچيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪو ملڪ پنهنجي روايتي پرڏيهي پاليسي مٽائي وقت ۽ حالتن مطابق ڪُجهه نوان فيصلا ڪندو آهي. اهڙي تبديليءَ جي پٺيان ضرور ڪي لڪل اهم مقصد (Orientation) موجود هوندا آهن. پرڏيهي بدلاءَ جا نتيجا سامهون ايندا آهن، ته پاليسيءَ جي اصل محرڪن(Orientation) جي به خبر پئجي ويندي آهي. 1961ع ۾ برطانيا جڏهن ”يورپي يونين“ جي اداري ۾ مستقل ميمبرشپ اختيار ڪئي، ته ان تبديل ٿيل پاليسيءَ جي ”اوريئنٽيشن“ اها هئي، ته برطانيه روايتي سوچ کان هٽي آمريڪا ۽ دولتِ مشترڪه جي مُلڪن جي ويجهو رهڻ بجاءِ، پنهنجي پاڙيسري يورپي رياستن سان باهمي تعلقات وڌائڻ ٿي چاهيا. آمريڪا جو 1949ع ۾ نيٽو ۾ شامل ٿيڻ جو مقصد به انهيءَ يورپي اتحاد کي وڌائڻ ۽ سندن سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ، کين پنهنجي ويجهو ڪرڻ به هو. نامياري سياسي محقق ’ڪي. جي هولسٽاءِ‘ (K.J.Holsti) مطابق ”اوريئينٽيشن“ ٽن قسمن جي ٿئي ٿي. هڪ؛ آئسوليشنزم (ڪنهن به ڌُر کان مڪمل عليحدگي اختيار ڪرڻ)، ٻيو؛ نان الائنمينٽ ( يعني ڪنهن به اتحاد ۾ روايتي شموليت نه هوندي ، پر اتحاد ۾ شامل ملڪن سان تعلقات برقرار رهندا) ۽ ٽيون الائنس، اتحاد ٺاهڻ ۽ هلائڻ. ماهرن جو خيال آهي ته هولسٽاءِ تمام وڏي پئماني تي ”اوريئنٽيشن“ جي اصطلاح جي وضاحت ڪئي آهي، جنهن ۾ هن اصطلاح کي مڪمل باريڪ بينيءَ سان جاچي نه ٿو سگهجي، پر تنهن هوندي به سندس تحريرن ۾ انهيءَ اصطلاح بابت صحيح ۽ تفصيلي وضاحت ڪئي وئي آهي. بين الاقوامي تعلقات جي علم ۾ ”اوريئنٽيشن“ اهم اصطلاح آهي. خاص ڪري سفارتڪار، سياسي اڳواڻ ۽ پرڏيهي پاليسي ٺاهيندڙ اڳواڻ، پنهنجي ملڪ جا مفاد ۽ ان جون ترجيحون سامهون رکي، ڪنهن پاليسيءَ جي اهم مقصدن (اوريئنٽيشن) جي تشڪيل ڏيندا آهن.


Related words with: Orientation


Remember Me Also:

بلال

ذ. ڍانڍي پکيءَ جو هڪ قسم ٻن قسمن جو ٿئي ١. ٽنڊڻي ٢. ساون کنڀن ۽ سائيءَ چهنب سان.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal