SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Organophosphates

(click word to listen sound
  • 🔊
  • organophosphates
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Organophosphates

آر.گي.نو.فاس.في.ٽس

انتھائي زھريليون زرعي جيتمار دوائون جيڪڏھن چمڙيءَ رستي جذب ٿين، ساه رستي کڻجن يا کائي وڃجن ته خطرناڪ ثابت ٿين ٿيون. انھن جي پيدا ٿيندڙن ڪيترين تڪليفن مان اوڪارا، الٽي، پيٽ جا وڍ، دست، ڌنڌلي ديد، حد کان وڌيڪ پگهرجڻ، مٿي جو سور، منڌائپ (confusion) ۽ جهٽڪا پيدا ٿي سگهن ٿا. شديد زھرجڻ جي حالت ۾ ساه جي تڪليف، دل جو دھڪو، جهٽڪا ۽ بيھوشي ٿي سگهي ٿي. ترت علاج نه ڪرڻ سان موت اچي سگهي ٿو. آرگينوفاسفيٽس زھر جي علاج ۾ شامل ٿئي ٿو ايڪٽِيويٽيڊ چارڪول (جيڪو ڪيميائي زھر سان چنبڙي جسم ۾ ان کي وڌيڪ جذب ٿيڻ نٿو ڏئي) يا زھر سبب گندا ٿي ويل ڪپڙا لاھي غليظ ٿي ويل چمڙي ڌوئڻ. ايٽروپين (atropine) جون انجيڪشنون ھڻي سگهجن ٿيون ۽ آڪسيجن ٿراپي ڏئي سگهجي ٿي/ ضرورت آھر مصنوعي طور تي ساه کڻائي سگهجي ٿو. ترت علاج ڪرڻ سان متاثر فرد جي زندگي بچائي سگهجي ٿي، نه ته موتمار حالت پيدا ٿي سگهي ٿي.


Remember Me Also:

ڪٻائڻ

سيڙائڻ ، اوير ڪرائڻ ، ٿيڙائڻ ، لمائڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal