SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Orbiters

(click word to listen sound
  • 🔊
  • orbiters
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Orbiters

آربٽرز

ٿڏيل يا دربدر ٿيل پناهگير

انساني حقن جي حوالي سان ٿيندڙ تحقيق ۾ عام طرح استعمال ٿيندڙ هي اصطلاح، ڪنهن به رياست طرفان ڪنهن ڌاريي يا پناهگير کي پنهنجي حدن ۾ دل سان قبول نه ڪرڻ واري صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ گڏيل قومن جي مهاجرن بابت هاءِ ڪميشن (UNHCR) هڪ رپورٽ ذريعي اريٽيريائي، سريلنڪائي، صومالي، ڪُرد، عراقي ۽ ايراني باشندن ۾ سياسي پناهه حاصل ڪرڻ واري وڌندڙ لاڙي جو جائزو وٺندي ٻڌايو ته انهن ملڪن سان لاڳاپيل ماڻهن کي اڪثر رياستون ”سياسي پناهه“ ڏيڻ کان لنوائيندي يا ته پنهنجي حدن مان ٻاهر ڪڍي، ڪنهن ٻي منزل ڏانهن اُماڻي ٿيون ڇڏين يا جهاز ذريعي جنهن ملڪ مان سندن آمد ٿئي ٿي، اُن ملڪ ڏانهن واپس موڪلي ٿيون ڏين. ان سلسلي ۾ جوڳا اُپاءَ وٺندي گڏيل قومن جي مهاجرن واري ڪميشن کي متاثر مهاجرن جي ٻيهر بحالي ۽ آباديءَ بابت خاص اختيار مليا، پر عملي طور اُن تي ڪي قدم کڄي نه سگهيا. ان حوالي سان آسٽريا کي (پنهنجي مخصوص جاگرافيائي بيهڪ ۽ مهاجرن ڏانهن همدرديءَ ڀريي رويي جي ڪري ) دربدر ٿيندڙ پناهگيرن کي هڪ جڳهه تي ”ڪٺو ڪرڻ واري جاءِ“ (Pooling Point) جو مرتبو ملڻ لاءِ سفارشون مرتب ٿيون، پر آسٽريا طرفان ان سلسلي ۾ بين الاقوامي ”ضمانتن“ جي تقاضا ڪرڻ تي اهو معاملو اڳتي وڌي نه سگهيو. هي اصطلاح 1972ع ۾ يوگنڊا مان ’عيدي امين‘ جي حڪومت پاران جلاوطن ڪيل 50 هزار ايشيائي پناهگيرن لاءِ پهريون دفعو استعمال ته ضرور ٿيو، پر برطانيا پاران انهن پناهگيرن جي بحاليءَ لاءِ کنيل ذميوارين سبب، ان صورتحال کي هن اصطلاح لاءِ مثال طور پيش نٿو ڪري سگهجي. هن مسئلي اصل ۾ ڪَرُ تڏهن کنيو، جڏهن دنيا جي اڪثر ملڪن ۽ خاص ڪري اولهه جي رياستن پناهگيرن کي پنهنجن ملڪن ۾ آباد ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ ڪڙا شرط لاڳو ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جا لکين پناهگير هڪ کان ٻئي منزل ڏانهن ٿڏبا رهيا.


Remember Me Also:

ڪڇئن

ذ. ڪڇُون.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal