SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Oral contraceptives

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ɔːrəl
  • contraceptives
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Oral contraceptives

او.رل ـ ڪن.ٽرا.سيپ.ٽِوز ـ پل

حمل روڪ گوريون جن ۾ ھڪ يا وڌيڪ مصنوعي زنانا سيڪس ھارمون (sex hormones) ٿين ٿا جن جي کائڻ سان عورتون حمل ٿيڻ کان بچي سگهن ٿيون. عام طور تي ”گوري“ (the pill) جو مطلب ھڪ اھڙي ڪمبائينڊ (combined) يا فيزڊ (phased) گوري ٿئي ٿي جن ۾ ايسٽروجن (oestrogen) ۽ پروجيسٽيرون (progestogen) ۽ رڳو پروجيسٽوجن (POP/progestogen) دوا ٿئي ٿي. ايسٽروجن وارين گورين ۾ عام طور تي اٿينل ايسٽراڊيئول (ethinylestradiol)؛ پروجيسٽوجينس (progestogens) سان گڏ ليوونورجيسٽريل (levonorgestrel) نوريٿسٽيرون (norethisterone) ۽ ڊيسوجيسٽريل (desogestrel) شامل ٿئي ٿي. جيڪڏھن حمل روڪ گوريون درست طريقي سان استعمال ڪجن ته اھڙيون عورتون في سال، 1 سيڪڙي کان به گهٽ حامله ٿي سگهن ٿيون. جڏھن ته اصل ۾ فيل ٿيڻ جي شرح چئوڻ تي وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. ڪمبائينڊ ۽ فيزڊ گورين جي استعمال ڪرڻ سان ايسٽروجن ۽ پروجيسٽيرون جي سطح وڌي ٻن ھارمونن، ليوٽينائيزنگ ھارمون (luteinizing hormone/LH) ۽ فولائيڪل اسٽيميوليٽنگ ھارمون (follicle-stimulating hormone/FSH) جي پيداوار ۾ خلل وجهڻ سبب موٽ ۾ آنجڻ جو عمل ٿي نٿو سگهي. ڪيترا پي او پي ڳِھڻ جي لعابي استر کي گهڻو گهاٽو ڪري ڇڏين ٿا جنھن سبب منجهائن تخمي جيو لنگهي نٿا سگهن ۽ ڳڀيرڻ جي استر کي ايترو سنھڙو ڪري ڇڏين ٿا جنھن سبب نريل آني جي پيوند ٿيڻ جا گهٽ امڪان پيدا ٿين ٿا. ھڪ قسم جو پي او پي جنھن ۾ ڊيسوجيسٽريل ٿئي اھو به آنجڻ جي عمل کي روڪڻ جو ڪم ڪري ٿو. ايسٽروجن وارين گورين جي استعمال سان ڳڀيرڻ ۽ آنيدانيءَ جي ڪينسر، آنيدانين جي سسٽن (ovarian cysts)، اينڊوميٽريوسس (endometriosis) ۽ فولاد جي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ رت جي پوڻائيءَ (anaemia) کان بچاءُ ٿئي ٿو. ان کانسواءِ ماھواري کي به باقاعدي، ھلڪو ۽ نسبتاً بنا سور جي روان رکن ٿيون. انھن جي ممڪن اُگرن اثرن ۾ شامل ٿي سگهن ٿا: وڌيل بلڊ پريشر (ڏسو، hypertension)، وزن ۾ ايندڙ تبديليون، اوڪارا، ڊپريشن، ڇاتين جو سڄي پوڻ، جنسي خواھش گهٽجي وڃڻ، بک وڌي وڃڻ، ٽنگن ۽ پيٽ جون ڳڍڙيون، مٿي جو سور ۽ غشي. ٿرامبوسس (thrombosis) پيدا ٿيڻ جو به خطرو رھي ٿو جنھن سبب فالج يا پلمونري ايمبولزم (pulmonary embolism) ٿي سگهي ٿو. اھي گوريون دل جي بيماري اَبتر ڪري سگهن ٿيون يا پتي جون پٿريون (gallstones)، يرقان (jaundice) ۽ تمام ورلي جيري جي ڪينسر پيدا ڪري وجهن ٿيون. سڀ حمل روڪ گوريون خاص طور تي پي او پي ماھوارين جي وچواري عرصي ۾ رتھير ڪري سگهن ٿيون. پي او پي جي ٻين ممڪن اُگرن اثرن ۾ شامل ٿين ٿا: بي قاعدگيءَ سان ماھواري اچڻ، بيجا حمل (ectopic pregnancy) ۽ آنيدانيءَ جون سسٽون پيدا ٿيڻ جيڪي عورتون ڪمبائينڊ گوريون استعمال ڪن ٿيون تن کي ڊگهي عرصي دوارن ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جو ھلڪو خطرو ٿي سگهي ٿو. جن عورتن کي ھائپرٽينشن، ھائپرلپيڊيميا (hyperlipidaemia)، جيري جي بيماري (liver disease)، اڌ مٿي جو سور (migraine)، اوٽواسڪليروسس (otosclerosis)، سِڪل سيل اَنيمِيا (sickle cell anaemia) يا ٿرامبوسس ٿيڻ جو گهڻو خطرو رھي ٿو تن کي عام طور تي ايسٽروجني بنياد وارين گورين جي استعمال ڪرڻ کان پاسيرو رھڻ گهرجي. عام طور تي اھي گوريون انھن عورتن کي تجويز نٿيون ڪجن جن کي ذاتي يا خانداني طور تي دل يا گردشي شرستي جا نقص ٿين ٿا يا جن کي بنا ڪارڻ گرڀ ناليءَ مان رتھير ٿيندي رھي ٿي. پي او پي يا ڪا به گهٽ ايسٽروجن واري گوري ھڪ اھڙي عورت استعمال ڪري سگهي ٿي جنھن کي ايسٽروجنن کان پاسيرو رھڻو پوي ٿو. جيئن ته ڪمبائينڊ يا فيزڊ گوريون ٿڃ جي پيداوار ۾ خلل پيدا ڪري سگهن ٿيون تنھنڪري ڇاتيءَ جي پالنا دوران استعمال نه ڪرڻ گهرجن. جڏھن ته ڪي دوائون به حمل روڪ گورين جي اثر کي ڪمزور ڪري سگهن ٿيون (وڌيڪ ڏسو، contraception).


Remember Me Also:

ڪمر

ث. اسم خاص. پائي جو اهو سوراخ جنهن ۾ ٻيءَ اِيس جي چُوڙ وجهجي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal