SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Opportunistic infection

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ɔpətjuːnistik
  • infekʃən
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Opportunistic infection

اپر.چُو.نِسٽڪ انفيڪشن

جسم جي مدافعتي نظام جي ھيڻي ھجڻ سبب ٿي پوندڙ بيماريون. اھڙن جيوڙن سبب ٿي پوندڙ انفيڪشن جن جا عام رواجي صحتمند ماڻھن تي ورلي سنگين يا جاءِ بجاءِ اثر پيدا ٿين ٿا. جن فردن جو اِميون سرشتو (immune system) ڪمزور ھجي ٿو تن ۾ سنگين انفيڪشن/ روڳ پيدا ڪري سگهن ٿا. ائڊس (AIDS) ۾ مبتلا گهڻن فردن جي موت جو ڪارڻ موقعي پرست روڳن جو ٿئي ٿو جن ۾ خاص طور تي نوموسسٽس نمونيا (pneumocystis pneumonia) شامل ٿئي ٿي. ڪيترا ڦنگي انفيڪشن جھڙوڪ: ڪينڊيڊياسس (candidiasis) ۽ ڪي وائرسي انفيڪشن جھڙوڪ: ھرپيز سمپليڪس (herpes simplex) موقعي پرست روڳن ۾ شمار ٿين ٿا.


Remember Me Also:

مروج

مُرَوجُ

صفت. (ع. ترويج). رائج ڪَرڻ، رواج ڏنل، هلايل، هلندڙ، جاري. رائج الوقت ، هلندڙ وقت جو، رواج ۾ آندل، رواجي ، ورتمانُ، عام ، معمولي، ريتائتو، رسمي، مُستعمل.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal