
Oestrogen drugs
ايس.ٽرو.جن ـ ڊرگس
مصنوعي دوائن جو ھڪ اھڙو گروپ جيڪو حمل روڪ گورين (oral contraceptives) ۾ ۽ واڌو يا جسم جي پنھنجي ايسٽروجن (oestrogen) ھارمون بجاءِ استعمال ٿئي ٿو. ايسٽروجن گوناڊوٽرافن (gonadotrophin hormones) ھارمونن جي پيداور کي ٻنجي ڇڏي ٿو جيڪي آنيدانين (ovaries) جي سيلن کي متحرڪ ڪن ٿا. ايسٽروجن دوائون سنڍجڻ (menopausal) سبب پيدا ٿيندڙ تڪليفن ۽ نقصن جي علاج لاءِ به ورلي استعمال ٿين ٿيون. ڪن قسمن جي بي اولادي/ اَويجهه (infertility)، عورتاڻي ھائپوگوناڊزم (hypogonadism)، ماھواري جي غيرمعمولي رتھير ۽ پراسٽيٽ (prostatic) ڪينسر جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا (ڏسو، prostate, cancer of). ايسٽروجن ھارمونَ ڇاتين کي حساس ۽ وڏو، ڀرتي، اوڪارا، جنسي خواھش گهٽائي، ڊپريشن، اڌ مٿي جو سور ۽ ماھوارين وچ ۾ رتھير ڪرائي سگهن ٿا. عام طور تي اٽڪل ٻن ٽن مھينن ۾ انھن جا اگرا اثر ختم ٿي وڃن ٿا. دوا، رت جي غيرمعمولي دڳن پيدا ٿيڻ جا خطرا وڌائي (ڏسو، thrombosis, deep vein)، ڇاتيءَ جي ڪينسر، ڳڀيرڻ جي ڪينسر (ڏسو، uterus, cancer of)، فالج ۽ دل جي بيماري ٿيڻ جا امڪان وڌائي سگهي ٿي. ايسٽروجن دوائون حمل ھجڻ جي حالت ۾ استعمال ڪرڻ نه گهرجن نه ته انھن جو ابھم تي خراب اثر پئجي سگهي ٿو.
عروج
ذ. ع. عَرَجَ = هُو مٿي ويو بُلندي ، اُچائي ، مٿانهين ، چاڙهي ، چاڙههُ ، چڙهتي ، ترقي ، ارتقاء. ڪنهن وڏي درجي کي پهچڻ واري حالت. اقبال.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal