SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Oesophagitis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • oesophagitis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Oesophagitis

اِي.سو.ف.ءَ گا.ئي.ٽس

لُڪيءَ (oesophagus) جي سوزش. ڪنھن ساڙيندڙ مادي جھڙوڪ: صفائيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ تيز ڪيميائي مادي سبب پيدا ٿيندڙ اِيسوفيجائيٽس جو ھڪدم شديد سور پوي ٿو، نڙي ۽ وات سڄي پوي ٿو، جن جا ترياق محدود اثرائتا ٿين ٿا ته معدي جي صفائي (ڏسو، lavage, gastric) سان نقصان وڌي وڃي ٿو. علاج لاءِ خاص طور تي سور گهٽائڻو پوي ٿو ۽ جيستائين لڪي ڇٽي وڃي تيستائين پرگهور لهڻي پوي ٿي. ريفلڪس اِيسوفيگائيٽس جو ڪارڻ لڪيءَ جي ھيٺين حصي جي مشڪن جو نالي ماتر/ مڙيوئي ڪم ڪرڻ ٿئي ٿو جنھنڪري معدي جو تيزابي مواد لڪي ڏانھن واپس ٿي وڃي ٿو (ڏسو، gastro-oesophageal reflux disease). مکيو نشانيون اڱاري ٿئي ٿي جيڪا الڪوحل استعمال ڪرڻ، تماڪ ڇڪڻ، ٿلهائپ ۽ وات رستي استعمال ٿيندڙ نان اسٽيروائيڊل اينٽي انفلميٽري (nonsteroidal anti-inflammatory) دوائن واپرائڻ سان ممڪن ٿئي ٿو ته بدتر ٿي وڃي. ھيٺين لڪيءَ جو درست طريقي سان ڪم نه ڪرڻ ھائيٽس ھرنيا (hiatus hernia) سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿو. معمولي حالتن ۾ علاج لاءِ کاڌي ۽ زندگيءَ جي طور طريقن جي تبديلي، اينٽاسڊ دوائن جي ڏيڻ سان تيزابيت گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وچٿري يا شديد حالتن ۾ ايڇ2 رسيپٽر اينٽاگونسٽس (H2- receptor antagonists) يا پروٽون پمپ انھبيٽرَ (proton pump inhibitors) جيڪي وڏيءَ حد تائين معدي جي تيزابيت گهٽائين ٿا استعمال ڪري سگهجن ٿا. ھائيٽس ھرنيا لاءِ آپريشن به ڪري سگهجي ٿي. شديد پراڻي اِيسوفيگائيٽس، اِيسوفيگيئل اسٽرڪچر (oesophageal stricture) پيدا ڪري سگهي ٿي.


Remember Me Also:

هنجار

هَنجارُ

ذ . (ف). خفو، هلاکي، ڏک، چِڙَ ، هلاڪي، بيزاري، ناراضگي، دقت، هلاڪت، پريشاني.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal