
Oesophageal varices
اِي.سو.في.گي.ئل ـ ويريسز
ھيٺاھين لڪيءَ (oesophagus) ته ورلي معدي جي مٿاھين حصي جي ڀتين جون موڪريون ٿي ويل نسون. ويريسيز پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ پورٽل ھائپرٽينشن (portal hypertension) ٿئي ٿو. رت کي پورٽل نس ۾، آنڊن مان جيري ڏانھن ويندي عام طور تي جيري جي بيماريءَ سبب مزاحمت پيدا ٿئي ٿي. وڌي ويل بلڊ پريشر سبب رت لڪيءَ جي ڀتين ۽ معدي جي ننڍڙين نسن ڏانھن ڦري وڃي ٿي. جنھن سبب اھڙيون نسون موڪريون ٿي ڦاٽي، الٽيءَ جي رت پيدا ڪن ٿيون ۽ ڪرفتي ڪاري ڪري ڇڏين ٿيون. ان کانسواءِ عام طور تي ڪرانڪ لِور ڊزيز جون ٻيون تڪليفون به ٿين ٿيون.شديد رتھير تي ضابطي ڪرڻ لاءِ لڪيءَ ۾ ھڪ بيلون ڪيٿيٽر (balloon catheter) اماڻي رتھير ڪندڙ ويريسز تي دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو. ويريسز جي علاج لاءِ نسن رستي ويسوپريشن (vasopressin) يا آڪٽريئوٽائيڊ (octreotide) يا ڪنھن اسڪليروسنٽ (sclerosant) جي انجيڪشن (اينڊواسڪوپ رستي) يا ھڪڙو گلوءَ جھڙو مادو متاثر نسن کي بند ڪري سگهي ٿو.
اکيلڻ
مصدر. [سن. اُتڪَل = ڇوڙڻ، ڍرو ڪرڻ] اُکولڻ. اُکيڙڻ. اُڊيڙڻ. اُکيليو ، اوکيليندو ، اُکيليل.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal