SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Oedema

(click word to listen sound
  • 🔊
  • oedema
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Oedema

اوڊيما

مشڪن ۾ پاڻي ڀرجڻ، سوڄ، ٿوٿر، ڳڙھ، ورم، جلندر


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Oedema

ايڊِ.يما

جسم جي ٽشوئن ۾ حد کان وڌيڪ غيرمعمولي پاڻيٺ جو گڏ ٿيڻ جيڪا مقامي (ڪنھن ڌڪ سبب سوڄ) يا عام (جھڙوڪ: ھرٽ فيلؤر ۾) به ٿي سگهي ٿي. عام ايڊيما جون نشانيون، ڪرنگهي جي تري جي چوگرد ۽ مُرن جي سوڄ تڏھن ٿي پوي ٿي جڏھن جسم جي پاڻيٺ 15 سيڪڙي کان وڌي وڃي ٿي. شديد حالتن ۾ پاڻيٺ جسم جي وڏن خانن جھڙوڪ: پيٽانگي (peritoneal) جي خاني ۾ ايئن گڏ ٿي وڃي ٿي جيئن پيٽ ۾ جلندر (ascites) سبب يا ڦڦڙن جي پليورل ڪيوٽي ۾ پلورل افيوشن (pleural effusion) سبب ٿئي ٿو. پلمونري ايڊيما جي حالت ۾ ڦڦڙن جون ھوا ڳوٿريون پوسلجي وڃن ٿيون. ان جي ڪارڻن ۾ شامل ٿين ٿا ھرٽ فيلؤر، گردن جو فيل ٿيڻ (kidney failure) ۽ نيفروٽڪ سنڊروم (nephrotic syndrome). عام طور تي ايڊيما جي اصل ڪارڻ جو علاج ڪري نٿو سگهجي. علاج جو زور، لوڻ جو استعمال محدود ڪري پيشاب جي پيداوار وڌائڻ ۽ پيشاب ڪرائيندڙ (diuretic) دوائون استعمال ڪرڻ ٿئي ٿو.


.


Other Phrases of Oedema used in Daily life:

Remember Me Also:

موذي

مُوذِي جمع مُوذِي

ذ . صفت. (ع. اَذي= ايذاءُ ڏيڻ وارو، ايذائيندڙ، ڏکوئيندڙ. رنجائيندڙ. ظالم، جابر. شُوم، ڪَنجُوس، مَرچُوٽ، بخيل، چِچِي مار، چمچوس. (اسم خاص). تعلقي سجاول ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal