SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Obesity

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • oubiːsitiː

From the English to Sindhi Dictionary:

Obesity

ٿولهه، موٽائي، دنبائي


From the Dictionary of Haematology:

Obesity

اوبيسٽي

موٽا پڻ، موٽاڻ، ٿلھائپ، ٿولھ


From the Dictionary of Official Terms:

Obesity

ٿولهه- ٿلهائپ


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Obesity

او.بِي.سِ.ٽِي

ڪنھن جسم ۾ چرٻيءَ جو حد کان وڌيڪ گڏ ٿيڻ. ھڪ اھڙو نوجوان جنھن جو باڊي ماس انڊيڪس (body mass index/BMI) 25 ۽ 29.9 جي وچ تي ھجي ان جي درجيبندي گهڻي وزن واري ۾ ڪجي ٿي ۽ جنھن نوجوان جو 30 کان مٿي ھجي ٿو اھو ٿلهو شمار ڪجي ٿو. ٿلهائپ پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ ھي آھي ته جيتريون ڪيلريون حاصل ڪجن ٿيون ان کان گهٽ استعمال ڪجن ٿيون. ڪنھن فرد جي ڪيلرين (توانائي) جي گهرج ان جي ميٽابولي شرح (ڏسو، metabolism) ۽ جسماني سرگرميءَ جي حساب سان ڪجي ٿي. ٿلهائپ ٿيڻ جو گهڻو عام ڪارڻ خانداني ٿئي ٿو جنھن جو به عام طور تي سبب غيرصحت بخش کاڌا کائڻ ۽ زندگيءَ جا طور طريقا گذارڻ ٿئي ٿو. ڪي موروثي بيماريون، ھارموني نقص ۽ دوائون (جھڙوڪ: corticosteroids) به وزن وڌائڻ ۽ ٿلهائپ پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿيون جڏھن ته ٿلهي ليکي اھي به مڙيوئي ڪارڻ ٿين ٿا. ٿلهائپ سان ھائپرٽينشن (hypertension)، اسٽروڪ (stroke)، ڊائبِيٽيز ميلائيٽس2 (diabetes mellitus 2) ٿيڻ جا خطرا وڌي وڃن ٿا. ٿلهن فردن ۾ ڪورونري آرٽري ڊزيز (coronary artery disease) گهڻي عام ٿئي ٿي. خاص طور تي جيڪي ٿلها فرد 40 سالن کان گهٽ عمر جا ٿين ٿا. مردن جي ٿلهائپ آنڊي، سفري ۽ پراسٽيٽ ته عورتن جي ڇاتيءَ ۽ ڳڀيرڻ (uterus)جي ڪينسر ٿيڻ جي گهڻي خطري سان لاڳاپيل ٿئي ٿي. واڌو وزن سبب ڪن قسمن جا موجوه مسئلا جھڙوڪ: آسٽيئوآرٿرائيٽس (osteoarthritis) بدتر ٿي وڃن ٿا. علاج طور سڀ کان وڏو بچاءُ صحت بخش کاڌي پيتي جي عادتن ۽ کاڌخوراڪ بابت تعليم ڏيڻ سان گڏ باقاعدي ڪسرت ڪرڻ (ڏسو، weight reduction) ٿئي ٿي. سڻڀ جذب ڪندڙ دوائون (جھڙوڪ: orlistat) رڳو موزون مريضن جي علاج جي ھڪ حصي طور استعمال ڪري سگهجن ٿيون. عام طور تي وزن گهٽائڻ جون آپريشنون جھڙوڪ: گيسٽرڪ بينڊنگ (gastric banding)، گيسٽرڪ بائپاس (gastric bypass) يا ورلي ڄاڙين تي تار ويڙھي ڇڏڻ (wiring of the jaws) جھڙا طريقا رڳو انھن حالتن ۾ استعمال ڪجن ٿا جڏھن ٿلهائپ واقعي صحت لاءِ خطرو ثابت ٿيندڙ ھجي.


.


Other Phrases of Obesity used in Daily life:

Remember Me Also:

وڇونئڙو

وِڇونُئَڙو جمع وِڇُونُئَڙا

ذ . وڇونءَ جو ٻچڙو. آتشبازيءَ جو هڪ قسم. پيرن ۾ پائڻ جو هڪ زيور.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal