
Nutritional disorders
نيو.ٽري.شنل ـ ڊسئارڊر
غذائي بيماريون سڏجي ٿو ان حالت کي جڏھن غذا ۾ ڪنھن ھڪ يا وڌيڪ غذائي جزن جي کوٽ ھجي ٿي يا حد کان وڌيڪ موجود ھجن ٿيون يا زھريلا مادا موجود ھجن ٿا. ڪنھن کاڌي ۾ نشاستن (carbohydrates) جي کوٽ سبب ممڪن ٿئي ٿو ته پروٽينن (protein) جي به کوٽ ھجي جنھن سبب پروٽين ـ ڪئلرين جي اوڻائي پيدا ٿئي ٿي جھڙوڪ: عام طور تي ان قسم جي پوڻائي شديد غربت ۽ ڏڪر ڪري ٿي پوي ٿي (ڏسو، kwashiorkor; marasmus). پروٽينن ۽ ڪئلورين جو ناڪافي استعمال انھن فردن ۾ ٿئي ٿو جيڪي وزن گهٽائڻ لاءِ سخت ڪِري ڪن ٿا (ڏسو، anorexia nervosa)، غذا ۽ صحت بابت وھمي خيال ھجن ٿا (ڏسو، food fad) يا الڪوحل يا نشي پتي جا عادي ھجڻ سبب کاڌي سان دلچسپي گهٽائي ڇڏين ٿا. عام طور تي ڪن مخصوص غذائي جزن جي کوٽ ھاضمي جي سرشتي جي نقص جھڙوڪ: سيليئڪ ڊزيز (coeliac disease)، ڪروھانس ڊزيز (Crohn’s disease) يا پرنيشس اَنيميا (pernicious anaemia) سان لاڳاپيل ٿئي ٿي (ڏسو، anaemia, megaloblastic). ٿلهائپ تڏھن پيدا ٿي پوي ٿي جڏھن غذا مان ايتري گهڻي توانائي حاصل ڪجي ٿي جيڪا جسم استعمال ڪري نٿو سگهي. غذائي نقص معدنيات (vitamins) ۽ وٽامنن (minerals) جي گهڻي استعمال سبب به پيدا ٿي پوي ٿي. سيچوريٽيڊ (saturated) سڻڀن لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ته انھن جي حد کان وڌيڪ استعمال سان ڪورونري آرٽري ڊزيز (coronary artery disease) ۽ ڪن قسمن جي ڪينسرن ۾ ظاھر ٿي پون ٿيون.
پاڇيل
ث. [سن. پَشچَات = پوءِ] ٻيڙيءَ جو پويون حصو ، پَاڇَلِ ”آڳيل“ جو ضد.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal