
نيوڪليئڪ اِئسڊ
مرڪزي تيزاب جيوگھرڙي مرڪزي جيو تيزاب
Nucleic acid
نيو.ڪلي.ئڪ ـ ايسڊ
ھر اھو جاندار مادو جنھن جو زندگي وڌائڻ ۾ بنيادي ڪارج ٿئي ٿو تنھن ۾ نيوڪليئڪ ايسڊ ٿئي ٿو. نيوڪليئڪ تيزاب ڪنھن به جاندار جي اوسر ڪرڻ جون موروثي ھدايتون/ بلو پرنٽ مھيا ڪن ٿا. نيوڪليئڪ تيزاب ٻن قسمن جا؛ ڊي آڪسيرائبونيوڪليئڪ ائسڊ (deoxyribonucleic acid/DNA) ۽ رائبونيوڪليئڪ ايسڊ (ribonucleic acid/RNA) ٿين ٿا. سڀني ٻوٽن، جانورن ۽ انسانن جي سيلن جي ڊي اين اي ۾ ھدايتن جا ضابطا ٿين ٿا جيڪي آر اين اي رستي تبديل ٿي لاڳو ٿين ٿا. ڊي اين اَي، ڪروموسومن (chromosomes) جا مکيا حصا ان سيل جي نيوڪليئس ۾ موجود ٿين ٿا. ڊي اين اي ۽ آر اين اي جوڙجڪ ۾ ھڪجھڙا ۽ ٻنھي ۾ ڊگها لڙھين جھڙا ماليڪيول ٿين ٿا. جڏھن ته عام طور تي ڊي اين اَي ۾ ٻه لڙھيون وڪوڙيل ٿين ٿيون ته آر اين اي ۾ گهڻي ڀاڱي ھڪڙي ٿئي ٿي. ڊي اين اَي جي بنيادي جوڙجڪ ڪنھن رسيءَ جي ڏاڪڻ جيان ۽ انھن جون لڙھيون ٻه پاسا جوڙين ٿيون جن جي وچ ۾ جوڙجڪون ملي ڏاڪا جوڙين ٿيون، ڏاڪڻ ھڪ اسپرنگ جيان وڪوڙيل ٿئي ٿي جنھن کي ڊبل ھيلڪس (double helix) سڏجي ٿو. ھر ڊي اين اي جي لڙھيءَ ۾ ھڪ ”ڪرنگهو“ (backbone) ٿئي ٿو جيڪو کنڊ (sugar) جي ھڪ تند ۽ فاسفيٽ جي ڪيميائي گروپن جو جڙيل ٿئي ٿو. ھر کنڊ سان ھڪ ڪيميائي مادو ڳنڍيل ٿئي ٿو جنھن کي ھڪ بيس (base) ڪري سڏجي ٿو جيڪو چئن مان ڪنھن ھڪ قسم؛ ايڊنين (adenine)، ٿائمين (thymine)، گائنين (guanine) ۽ سائٽوسين(cytosine) جو ٿي سگهي ٿو ۽ ڊي اين اَي ڏاڪڻ جو اڌ ڏاڪو جوڙي ٿو. لڙھيءَ ۾ اھي چارئي بيس ڪنھن به ترتيب سان موجود ٿي سگهن ٿا. ترتيب جيڪا انفرادي طور تي لکين بنيادن واري ٿي سگهي ٿي ان سيل جي سرگرمين لاءِ ضابطو جوڙي ٿي (ڏسو، genetic code). آر اين اَي، ڊي اين اي جي ھڪ لڙھيءَ جيان ٿئي ٿو جنھن ۾ رڳو مکيو فرق ٿائمين جي جاءِ تي ھڪ ٻيو بيس يوريسل (uracil) ٿئي ٿو. ڊِي اين اي، ڪنھن به سيل جي سرگرمين تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ انزائيمن (enzymes) ۽ ٻين پروٽينن جي ترڪيبن رستي چونڊ ڪري ۽ ضابطو رکي ٿو. مختلف جينون (genes، ڊي اين اي جا حصا) مختلف پروٽينن جي جوڙڻ تي ضابطو رکن ٿيون. ڪنھن به مخصوص جين پيدا ڪرڻ لاءِ ڊي اين اي جو موزون حصوڪنھن آر اين اي جي لڙھيءَ لاءِ ھڪ ٽيمپليٽ (template، نموني) طور ڪم ڪري ٿو. ان کانپوءِ اھو ميسينجر آر اين اي (messenger RNA) نيوڪليئس کان نڪري سائيٽوپلازم ۾ ھليو وڃي ٿو جتي ڊيڪوڊ ٿي پروٽينون جوڙي ٿو (ڏسو، protein synthesis). جڏھن ڪو به سيل مائٽوٽڪلي (mitotic) ڦانڊجي ٿو (ڏسو، mitosis) ته لازمي طور تي ڊي اين اي جون ساڳيون ڪاپيون ٻنھي ڊاٽر سيلن (daughter cells) ڏانھن ھليون وڃن ٿيون. ڊي اين اَي جون ٻئي لڙھيون الڳ ٿي اصل کانسواءِ ٻه وڌيڪ لڙھيون پيدا ڪن ٿيون. ڇاڪاڻ ته رڳو ڪن بنيادي بيس جوڙن جو ٺھڻ ممڪن ٿئي ٿو تنھنڪري نيون ٻٽيون لڙھيون اصلي ڊي اين اَي ماليڪيولن جھڙيون ٿين ٿيون. ھر فرد جي سيلن ۾ ساڳين ڊي اين اَي جا نقل (replica) موجود ٿين ٿا جيڪي نريل (fertilized) آني ۾ موجود ھيا جنھن سبب ڊي اين اَي جا پيغام سيلن جي ھڪ نسل کان ٻئي ۾ منتقل ٿيندا رھن ٿا.
بڙڪائڻ
مصدر. بيجا گفتگو ڪرڻ ، بڪواس ڪرڻ. بَڙڪايو ، بَڙڪائيندو ، بَڙڪايل.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal