SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Notifiable disease

(click word to listen sound
  • 🔊
  • noutifaiəbl
  • diziːz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Notifiable disease

نو.ٽي.فاءِ.ئبل ـ ڊ.زيز

جن بيمارين جي تشخيص ٿيڻ کانپوءِ انھن بابت صحت جي اختيارين کي ٻڌائڻ ضروري ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته اھي وچرندڙ، شديد يا اٿلي پوندڙ ۽ انسانن يا جانورن جي صحت لاءِ خطرناڪ ٿين ٿيون تنھنڪري انھن تي نظر رکڻ ۽ روڪڻ جا اپاءَ وٺڻ ضروري ٿين ٿا. اھڙين وچڙندڙ بيمارين ۾ ڪالرا (cholera)، خناق (diphtheria)، ارڙي (measles)، مَلي، (mumps)، ھڙڪ/ڇتڪتائپ (rabies)، خسرو (rubella)، ڪُزاز (tetanus)، ٽي بي (tuberculosis) ۽ وڏي کنگهه (pertussis/whooping cough) شامل ٿين ٿيون. وچڙندڙ بيمارين کانسواءِ ڪن قسمن جون بيماريون اھڙيون به ٿين ٿيون جن لاءِ لازمي طور تي آگاه ڪرڻو پوي ٿو جن ۾ ڪي ٿين ٿيون: پيدائشي نقص (birth defects) ۽ ڪن قسمن جي سکڻ جون تڪليفون (learning difficulties). جڏھن ته ڪينسرن جي قومي سطح تي آگاھي ڏجي ٿي. ڪن قسمن جي پيشيوراڻين بيمارين بابت به آگاه ڪجي ٿو جھڙوڪ: شيھي جو زھر (lead poisoning)، پاري جو زھر (mercury poisoning)، ڪيڊميم جو زھر (cadmium poisoning) ۽ ڪارو واءُ/ ٻُلهاڙي (anthrax) (وڌيڪ ڏسو، prescribed diseases).


Remember Me Also:

راڱو

ذ. [هه. رانگا] رازڪي يا واڍڪي ڪم جو اوزار. اهو ڌاڳو يا ڏورو، جو رنگ مان ٻوڙي ڀـِت يا ڪاٺ تي سنوت لاءِ لـِيڪن ڪڍڻ ۾ ڪم اچي. ڳاڙهي رنگ ۾ پسيل ڏور سان ڪاٺ چيرڻ لاءِ ڪاٺ تي نڪتل لـِيڪو – داغ – لـِيڪو رنگ جو. ڪتي جو هڪ قسم ميرانجهڙن اڇن ۽ سليٽي ٽـِڪڙن وار

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal