
نڪ، سنگهڻ جي طاقت سنگهڻ
نڪ
گرامر noun
- اسم
نَڪُ
Nose
نوز
نڪ، ساه لنگهه جو بلڪل مٿاھون حصو ۽ سنگهڻ (smell) جو ھڪ عضوو. نڪ ھڪ اھڙو ھوا لنگهه ٿئي ٿو جيڪو مھڙ ۾ ناسن سان ۽ پڇڙ ۾ نڪ ـ نڙيءَ (nasopharynx، نڙيءَ جي مٿين حصي) سان ڳنڍيل ٿئي ٿو. نيزل سيپٽم (nasal septum) مھڙ ۾ ڪارٽيليج ۽ پڇڙ ۾ ھڏي جو جڙيل ٿئي ٿو ۽ ھوا لنگهه کي ٻن خانن ۾ ورھائي ٿو. ناسن جون ٻه ننڍڙيون ھڏڙيون ۽ ڪارٽيليج ملي، نڪ جي بيني/ پاڙ (bridge) جوڙين ٿيون. ڪوپريءَ جي پاڙ جا ھڏا، مٿين ڄاڙيءَ جون ڀتيون ۽ تارونءَ جو ترو ھوا لنگهه جي ڇت جوڙين ٿا. ٽي ڪونڪي (conchae، سنھڙيون، ھيٺ وريل ھڏن جون پليٽون) لعابي استر سان ڍڪيل ھر ڀت کان ٻاھر اڀرندڙ ٿين ٿيون. ھوا ڀريل، لعابي استرن جا ڀانڊا جيڪي پئرانيزل سائنوسز (paranasal sinuses) سڏجن ناسن جي لنگهه ۾ کلن ٿا. ھر ڀت ۾، نيزوليڪريمل ڊڪٽ (nasolacrimal duct) جو ھڪ سوراخ به ٿئي ٿو جيڪو ڳوڙھا وھائيندو رھي ٿو. ناسن جي لنگهه جي ڇت ۾ وارن جھڙيون پڇڙيون آلفيڪٽري تنتون (olfactory nerves) اڀريل ٿين ٿيون جيڪي سنگهڻ جي حس جون ذميوار ٿين ٿيون. نڪ جو مکيو ڪم ساه رستي کڻندڙ ھوا کي ساه لنگهه ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ ڇاڻڻ، گرمائڻ ۽ گهمائڻ ٿئي ٿو. ناسن ۾ موجود ننڍڙا وار، مٽي جا وڏا ذرڙا ۽ ڌاريا جسم سوگها ڪري ڇڏين ٿا. ڪونڪيءَ جا تڇ (خوردبيني) وارڙا ھوا ۾ موجود مٽيءَ جي سنھن ذرڙن کي ڇاڻي ڇڏين ٿا. ڪونڪيءَ جو لعاب، اندر تي ڳڙندو، تڇ جيوڙا ۽ ڌاريا جسم نڪ ـ نڙيءَ ڏانھن ڌڪيندو رھي ٿو جتان ڳھجي معدي ۾ ناس ٿي وڃن ٿا. نڪ، آلفيڪٽري تنتن جي پڇڙين رستي بوئن جي ڄاڻ رکي ٿو جيڪي پوءِ ساه کڻڻ سان انھن جي بخارن رستي متحرڪ ٿي دماغ ۾ آلفيڪٽري بلب کي معلومات مھيا ڪن ٿا. نڪ ڪيترن گهڻن نقصن ۽ تڪليفن لاءِ حساس ٿئي ٿو. جن ۾ الرجيون (allergies، ڏسو، rhinitis, allergic) انفيڪشن جھڙوڪ: ڪولڊس (colds، ڏسو، cold, common) ۽ ننڍڙيون ڦرڙيون (boils) عام ٿين ٿيون. نڪ کان پوئتي وگهرندڙ انفيڪشن ھڪ سنگين بيماري پيدا ڪري وجهي ٿو جنھن کي ڪيورنس سانئس ٿرامبوسس (cavernous sinus thrombosis) سڏجي ٿو. ان کانسواءِ نڪ خاص طور تي ضربن جو شڪار ٿي پوي ٿو (ڏسو، nosebleed; nose, broken). نڪ جي ڪنھن نَڪري (polyp، لعابي استر جو سڄي نڪري پوڻ) سبب نڪ بند به ٿي سگهي ٿو. رت نلين جون اَڪينسري (noncancerous) ڳوڙھيون جن کي رت ڳڙه (haemangiomas) سڏجي ابھن جي ناسن کي عام طور تي متاثر ڪري وجهن ٿا. بيسل سيل ڪارسينوما (basal cell carcinoma) ۽ اسڪوئيمس سيل ڪارسينوما (squamous cell carcinoma) ناسن جي چؤگرد پيدا ٿي سگهن ٿا. نڪ، سائنوسس (sinuses) مان پيدا ٿيندڙ ڪينسر ۾ به مبتلا ٿي سگهي ٿو.
Related words with: Nose
کنڊڻ ڦنڊڻ
پکڙجڻ ، پٿارجي وڃڻ ، ڦهلجي وڃڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal