SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nonsteroidal anti-inflammatory drug/NSAIDs

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nonsteroidal
  • æntiːɛəkrɑːft
  • inflæmətriː
  • drʌg
  • nsaids
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Nonsteroidal anti-inflammatory drug/NSAIDs

نان ـ اسٽيروائڊل ـ اينٽي ـ ان.فليم.ٽري ـ ڊرگس/ اين ايس اي آءِ ڊي

دوائن جو ھڪ اھڙو گروپ جن جي استعمال سان سور کان نجات ملي ٿي ۽ سنڌن ۽ نرم ٽشوئن جھڙوڪ: مشڪن ۽ ٻنڌين جي سوزش گهٽائن ٿيون. اين ايس اي آءِ ڊي سڀني دوائن ۾ وڌ ۾ وڌ استعمال ٿين ٿيون جن جا عام مثال ايسپرن (aspirin)، ڊائڪلوفينڪ (diclofenac)، ابوپروفين (ibuprofen)، انڊوميٽاسين (indometacin)، ڪيٽوپروفين (ketoprofen)، ميفينامڪ ايسڊ (mefenamic acid)، نيپروڪسن (naproxen)، پائراڪسيڪئم (piroxicam) ۽ سولنڊئڪ (sulindac) ٿين ٿيون. ڪاڪس2 انھبٽر (COX-2 inhibitor) دوائون جھڙوڪ: سيليڪوڪسيب (celecoxib) به اين ايس اَي آءِ ڊي ۾ شامل ڪجن ٿيون. پر اينلجيسڪ پيراسيٽامول (analgesic paracetamol)، اين ايس اي آءِ ڊي ۾ شمار نٿي ڪجي. ڇاڪاڻ ته منجهس اينٽي انفلميٽري (anti-inflammatory) اثر نٿو ٿئي. اين ايس اَي آءِ ڊي ڪن قسمن جي آرٿرائيٽس جھڙوڪ: ريوميٽوائڊ آرٿرائيٽس (rheumatoid arthritis)، آسٽيوآرٿرائيٽس (osteoarthritis) ۽ گائوٽ (gout) جي تڪليفن ختم ڪرڻ کانسواءِ پٺيءَ جي سور، ماھواريءَ جي سور، ڏند جي سور، مٿي جي سور، ھلڪيءَ آپريشن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ سور ۽ نرم ٽشوئن جي ضرب جھڙوڪ: موچ ۽ سٽ نڪري پوڻ جي علاج لاءِ به استعمال ڪجن ٿيون.اھي دوائون پروسٽاگلئينڊنس (prostaglandins، سوزش پيدا ڪندڙ ۽ دماغ کي سور جا پيغام موڪليندڙ ڪيميائي مادا) جي اخراج کي بند ڪري سور ۽ سوزش گهٽائي ڇڏين ٿيون. اين ايس اَي آءِ ڊيون گهڻ رُخا اگرا اثر پيدا ڪري سگهن ٿيون جن ۾ اوڪارا، بدھاضمو، معدي مان رت وھڻ ۽ ورلي پيپٽڪ السر (peptic ulcer) شامل ٿين ٿا. ٿلهي ليکي، وڏڙن ۾ انھن جي اُگرن اثرن جي پيدا ٿيڻ جا خطرا گهڻا ٿين ٿا. تنھنڪري سفارش ڪئي ويندي آھي ته جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي اين ايس اَي آءِ ڊي جا ايترا گهٽ ۾ گهٽ وزن جيڪي اثرائتا ٿيندڙ ھجن ۽ اھي به ممڪن ترين گهٽ عرصي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجن. جن فردن کي اڳ ۾ اين ايس اَي آءِ ڊي جا ردعمل ٿي چڪا آھن (جھڙوڪ: asthma, rhinitis, or rash) يا جن کي پيپٽڪ السر ھئي يا آھي تن کي اين ايس اَي آءِ ڊي استعمال نه ڪرڻ گهرجن. عام طور تي حمل دوران يا ڇاتين تي پالڻ واري عرصي دوران اين ايس اَي آءِ ڊي استعمال ڪرڻ جي صلاح نٿي ڏجي. ڇاڪاڻ ته ڪن قسمن جي اين ايس اَي آءِ ڊين ۾ مخصوص خطرا موجود ٿين ٿا جن لاءِ ڏسو انفرادي دوائون ۽ انھن جا اپاءَ. اين ايس اَي آءِ ڊي ٻين دوائن جھڙوڪ اينٽي ڪوآگيولنٽَ (anticoagulants) سان ردعمل به پيدا ڪري سگهن ٿا تنھنڪري انھن جي استعمال ڪرڻ کان اڳ صلاح وٺڻ گهرجي.


Remember Me Also:

ڪڻئين

توکي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal