SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nongonococcal urethritis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nongonococcal
  • jeəriːðraitis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Nongonococcal urethritis

نان.گونو.ڪو.ڪل ـ يوري.ٿرائي.ٽس

اڳ ۾ نان اسپيسفڪ يوريٿرائيٽس (nonspecific urethritis) سڏجندڙ، پيشاب نليءَ جي سوزش جو ڪارڻ پرميل (gonorrhoea) نٿو ٿئي. نان گونوڪوڪل يوريٿرائيٽس سڄيءَ دنيا ۾ گهڻو عام وچڙندڙ جنسي انفيڪشن ٿئي ٿو. اٽڪل 50 سيڪڙو ڪيسن جو ڪارڻ ڪليميڊيا ٽريئڪومئٽس (Chlamydia trachomatis، ڏسو، chlamydial infections) ٿئي ٿو ته ٻيا ان وائرس سبب ٿين ٿا جيڪي ھرپيز سمپليڪس (herpes simplex)، ٽرائڪومونس ويجائينيلس (Trichomonas vaginalis) انفيڪشن پيدا ڪن ٿا (ڏسو، trichomoniasis) يا ٻيا خوردبيني جيوڙا (microorganisms). باقي ڪيسن ۾ انھن جي ڪارڻن جي ڄاڻ ڪونھي. مردن ۾ ھن انفيڪشن سبب پيشاب نليءَ مان صاف يا پونئدار پاڻيٺ خارج ٿيڻ سان گڏ سور يا پيشاب ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، عورتن ۾ ٿيندڙ ساڳيءَ تڪليف کي نان اسپيسفڪ جينائيٽل انفيڪشن (nonspecific genital infection) سڏجي ٿو جيڪو تيستائين تڪليفون پيدا ڪري نٿو سگهي جيستائين پيچيدگيون پيدا نٿيون ٿين. جيڪڏھن تڪليفن جي ڪارڻ جي ڄاڻ نه پوي ته علاج ڪرڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. علاج لاءِ اينٽيبِياٽڪ دوائون جھڙوڪ: ڊاڪسيسائيڪلن (doxycycline) ۽ ايزيٿرومائيسن (azithromycin) ڏجن ٿيون. علاج کانپوءِ پوئواري ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر سان ملندي رھڻ جي سفارش ڪجي ٿي ۽ ڪانٽيڪٽ ٽريسنگ (contact tracing، انھن مريضن جي انٽرويوئن ۽ لئبارٽريءَ جي تپاسن رستي نشاندھي ڪرڻ جيڪي بيماري ۾ ڊگهو مبتلا رھيا ھجن يا آھن يا بيماريءَ جي باريءَ (vector) سان لاڳاپي رھيا آھن ته جيئن وچڙندڙ بيماريءَ خاص طور تي جنسي وچڙندڙ ن کي محدود ڪري سگهجي) ضروري ٿئي ٿي. مردن ۾ نان گونوڪوڪل جي پيچيدگين طور اپيڊيڊائيمائيٽس (epididymitis)، پراسٽيٽائيٽس (prostatitis) ۽ يوريٿرل اسٽرڪچر (urethral stricture) پيدا ٿي سگهي ٿي. ڪن مردن ۾ پيچيدگيءَ طور ريئيٽرس سنڊروم (Reiter’s syndrome) به پيدا ٿي سگهي ٿو. عورتن ۾ پيلوڪ انفليميٽري ڊزيز (pelvic inflammatory disease) ۽ بارٿولنس غدودن (Bartholin’s glands) جون سسٽون پيدا ٿي سگهن ٿيون. ورلي، جيڪي عورتون ڪليمائيڊل سرويسائيٽس (chlamydial cervicitis) ۾ مبتلا ٿين ٿيون تن جي ڄمندڙ ابھمن ۾ ھڪ قسم جي اکين جو اٿڻ (conjunctivitis) آفٿيلميا نيئونئٽورم (Ophthalmia neonatorum) پيدا ٿي سگهي ٿو.


Remember Me Also:

سنگين سزا

ث. ڳوري سزا ، سخت سزا ، وڏي سزا.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal