
Noise-induced hearing loss
نُوائزِ ـ اِنڊيوسڊِ ـ ھيئرنگ ـ لاس
ٻڌڻ جي سگهه جو ضايع ٿيڻ جنھن جو ڪارڻ گوڙ ۾ ھڪ ڊگهي وقت تائين يا ٿوري وقت لاءِ شديدگوڙ ۾ وائکو ٿيڻ ٿئي ٿو. ڪنھن اوچتي تمام وڏي گوڙ سبب جيڪو 120 ڊيسيبلن کان وڌيڪ ھجي ٻڌڻ جي سگهه کي ھڪدم ۽ دائمي طور تي ڇيھو رسائي سگهي ٿو. عام طور تي وچين ڪن جون مشڪون، ڪن جي آسيڪلن (ossicles، اندرين ڪن ڏانھن لرزشون اماڻيندڙ ھڏڙين جو ھڪ سلسو) جي حالت تبديل ڪري اندرين ڪن ڏانھن ويندڙ گوڙ جي لرزشن جي شدت گهٽائي ڇڏين ٿيون. جيڪڏھن بچاءَ جا اھي اپاءَ (رفليڪس) به ڪم ڪري نٿاسگهن ته لرزشون ڀرپور طاقت سان اندرين ڪن ۾ داخل ٿي ڪوچيلا (cochlea) جي نفيس وارن کي شديد نقصان پھچائين ٿيون. ورلي، وڏا گوڙ ڪن جي دھلڙي (eardrum) ڦاڙي وجهن ٿا. گوڙ تڏھن به ڇيھو پھچائي سگهي ٿو جڏھن گهٽ سطح واري گوڙ ۾ ھڪ ڊگهي عرصي لاءِ وائکو ٿبو رھجي ٿو. جيڪو گوڙ 85 ـ 90 ڊيسيبلن کان مٿي ھجي ته آھستي آھستي ڪوچيلا جي وارن کي نقصان رسائي دائمي ٻوڙو ڪري سگهي ٿو. ھڪ ڊگهي عرصي تائين وڏي گوڙ ۾ وائکي ٿيڻ سان وڏن آوازن (tones) ٻڌڻ جي سگهه متاثر ٿي سگهي ٿي. ان کانپوءِ ٻوڙائپ، وڏن لرزشن لاءِ به حساس ٿي پوي ٿي ۽ ڳالهاءَ جو ٻوجهه ناقص ڪري سگهي ٿي جنھن سبب آخر ۾ ھلڪا آواز ٻڌڻ به متاثر ٿي پون ٿا.85 ـ 90 ڊيسيبلن يا ان کان مٿي وارا آواز درد ۽ دائمي ٻوڙائپ پيدا ڪري سگهن ٿا. ڪنھن گوڙ بند ٿيڻ کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين تاڙيون چڙھڻ (tinnitus، ڪنن جو وڄڻ ۽ سيٽون وڄڻ) ان ڳالهه جو اشارو ٿئي ٿو ته شايد ڪو ڇيھو پھچي چڪو آھي.
دعوا ڄمائڻ
مقدمه ڄمائڻ ، قبضو ڄمائڻ ، حق ڄمائڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal