SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nipple

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • nipl

From the English to Sindhi Dictionary:

Nipple

ٻنڊي، بونڊي، ببي جي ڏنڊي


From the Dictionary of Official Terms:

Nipple

نپل- چوسڻي


From the Medical Dictionary:

Nipple

ڏونٽي

ڏَونٽِي (ڄُنڊي، ڏُنڊي)


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Nipple

نپل

ڏُنڊي، ٻنڊي، ھر اره (breast) جي چوٽيءَ تي ھڪ ننڍڙو اڀار/ بونبڙي. عورتن جي ٻنڊين ۾ سنھڙا سوراخ ٿين ٿا جن رستي ٿڃ وھي سگهي ٿي، ٻنڊي ۽ پڙو (areola) رنگ جو گهرو ٿئي ٿو ۽ حمل دورا ٻنھي جي سائيز وڌي وڃي ٿي. ٻنڊيءَ جون خودمختار مشڪون ان کي اڀو ڪري ڇڏين ٿيون. ٻنڊيءَ جي بناوت ۾ ورلي نقص ٿين ٿا. عام طور تي ٻنڊيءَ جو وريل ھجڻ اوسر جو بي مضر نقص ٿئي ٿو. عام طور تي، پيرسن عورتن ۾ ٻنڊيءَ جو وريل ھجڻ عمرجڻ سبب پيدا ٿئي ٿو. جڏھن ته ڪينسر کان ھوشيار رھڻ لاءِ ميموگرافي (mammography) ڪرائڻ جي صلاح ڏجي ٿي خاص طور تي جڏھن رڳو ھڪ ٻنڊي وريل ھجي. حمل جي آخري مھينن ۽ ٿڻن تي پالڻ دوران ٻنڊيون ڏري ماسٽائيٽس (mastitis، ارھن جي سوڄ) پيدا ڪري وجهن ٿيون. جنھن جي اپاءَ طور روزانو ٻنڊين کي ڌوئڻ، خشڪڻ ۽ ڪريم ھڻڻ سان ڏرڻ کان بچائي سگهجي ٿو. ڪنھن ٻنڊي جي پيپيلوما (papilloma) اَڪينسري سوڄ ٿئي ٿي جيڪا چمڙيءَ سان ڏانڊيءَ رستي ڳنڍيل ٿئي ٿي. ٻنڊيءَ جي پيجيٽس ڊزيز (Paget’s disease) شروعات ۾ ٻنڊيءَ جي مَلي (eczema) جيان لڳي ٿي جيڪا اصل ۾ ڪنھن مِلڪ ڊڪٽ (milk duct) مان آھستي واڌ ڪندڙ ڪينسر ٿئي ٿي، جنھن لاءِ آپريشن ڪرائڻي پوي ٿي. ٻنڊيءَ جي سمڻ جو ڪارڻ ڪيترن سبب ڪري ٿئي ٿو. صاف، ڀوسيءَ رنگ جھڙي پاڻيٺ حمل جي اوائل ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي، ٿڃ ڌارائڻ بند ڪرڻ کانپوءِ کير جھڙيءَ پاڻيٺ وھي سگهي ٿي. گيليڪٽوريا (galactorrhoea، حمل نه ھجڻ يا ٿڃ نه ڌارائيندڙ عورتن مان ٿڃ جو وھڻ) جو ڪارڻ ھارمون جو غيرمتوازن ھجڻ يا ورلي ڪنھن گيليگٽوسيل (galactocele، پڙي ھيٺان سسٽ جو ھجڻ) ٿي سگهي ٿو. ڪنھن سيمي ۾ پونءِ جو خارج ٿيڻ اره جي ڳڙه (breast abscess) ھجڻ جي نشاني ٿئي ٿي


Related words with: Nipple


.


Other Phrases of Nipple used in Daily life:

Remember Me Also:

ڇانيال

ذ. صفت. ڀِٽَ جو اولهه وارو پاسو جنهن تي صبح جي پَهر ۾ ڇانو ٿئي. ”تِڙڪولَ“ جو ضِد.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal