SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nicotine

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • nikətiːn

From the English to Sindhi Dictionary:

Nicotine

تماڪ جو زهر


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Nicotine

نڪو.ٽين

تماڪ ۾ موجود ھڪ دوا جيڪا ھڪ محرڪ طور ڪم ڪري تماڪ جي ھير پيدا ڪري ٿي. تماڪ ڇڪڻ سان ان جو دونھون ترت رت جي گردشي سرشتي ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ منجهس موجود دوا تنتي سرشتي تي تيسيتائين اثر ڪندي رھي ٿي جيستائين جيرو ان کي ٽوڙي نٿو ۽ پيشاب رستي خارج ٿي نٿي وڃي. مکيو طور تي نڪوٽين خود مختيار تنتي سرشتي (autonomic nervous system) تي اثر ڪري ٿي جيڪو پنھنجو پاڻ جسماني سرگرمين تي ڪنٽرول ڪري ٿو جھڙوڪ: دل جي رفتار. سگريٽ جي عادين ۾ سگريٽ ۾ موجود دوا دل جي رفتار تيز ۽ رت نليون سوڙھيون ڪري ٿي جن جو گڏيل اثر بلڊپريشر وڌائي ڇڏي ٿو. ان کانسواءِ نڪوٽين مرڪزي تنتي سرشتي کي به متحرڪ ڪري ٿڪ گهٽائي، سرت وڌائي ۽ ڌيان ڌرڻ ۾ بھتري پيدا ڪري ٿي. تماڪ ڇڪڻ بند ڪرڻ سان ان جا اگرا اثر پيدا ٿين ٿا جھڙوڪ: مٿي جو سور ۽ ڌيان ڏئي نه سگهڻ ۾ تڪليف. نڪوٽين جي ريپليسمينٽ ٿراپي (nicotine replacement therapy) نڪوٽين جي اُگرن اثرن لاءِ اثرائتي ٿي سگهي ٿي (وڌيڪ ڏسو، smoking).


Related words with: Nicotine


Remember Me Also:

ڪمزور

ذ. صفت. بي طاقت ، هِيڻو ، ضَعيف ، ڪم طاقت ، اڀرو ، ناتوان ، نِستو ، نِٻَلُ ، بي سگهو ، پوڻو ، بي قُوتو ، بي سَتو ، لاغَرُ ، هڏ هيڻو ، بي پهچ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal