نيو انٽرنيشنل ايڪانامڪ آرڊر
نئون بين الاقوامي اقتصادي نظام
اقتصادي ناتن جي عالمگير نظام ۾ تبديليءَ لاءِ ٽين دنيا جي قيادت جو جوڙيل هي هڪ اقتصادي منشور هو. سڀ کان پهريائين اهو منشور اڻ ڌري تحريڪ (NAM) جي اڳواڻن تحريڪ جي 1973ع واري سربراهي اجلاس ۾ پيش ڪيو. ان کانپوءِ مئي 1974ع ۾ ان معاملي تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ غور ڪيو ويو. جنرل اسيمبليءَ ان نظام کي اختيار ڪرڻ لاءِ هڪ ”پروگرام آف ائڪشن“ منظور ڪيو. ساڳئي سال گڏيل قومن ۾ ”ملڪن جا اقتصادي حق ۽ فرض“ جي نالي سان هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو. ٻنهي دستاويزن ۾ آندل تبديليءَ ذريعي دُنيا ۾ معاشي پالسين جي نئين سر جوڙجڪ جو ورجاءُ ڪيو ويو، جيڪو 1964ع کان وٺي ”يونائٽيڊ نيشنس ڪانفرنس آف ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ“ (UNCTAD) وٽ غور هيٺ هو. ان نظام ۾ واپار ۽ مکيه عالمي اقتصادي ادارن ۾ سڌارا آڻڻ ۽ ٽين دنيا جي قرضن کي ٻيهر ترغيب ڏيڻ وغيره جا نُڪتا شامل هئا. بين الاقوامي واپار پڻ ان نظام جي ترجيح ۾ شامل آهي.
اجرڪ
ذ. [ع. اَزرَقُ = نِيلو. اَجرڪ ۾ بنيادي رنگ نيلو ٿيندو آهي] هڪ قِسم جي رڱيل ۽ ڇُريل دٻڪن واري چادر، جا خاص طور سنڌ ۾ ڪلهن تي ڪرڻ، پٽڪي يا گوڏ ٻڌڻ لاءِ اِستعمال ٿئي؛ چٽساليءَ جي لحاظ کان ”ڪڪر“، ”دٻلي“ وغيره قسم اٿس. ”ٻِه پُڙِي اَجرَڪَ“ يعني ٻنهي پاسن کان رڱ
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal