SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Neutralization

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • njuːtrəlaizeiʃən

From the Dictionary of Haematology:

Neutralization

نيوٽرلائيزيشن

بي اثري جو عمل، بي اثري ، عمل تعديلي


From the Dictionary of Official Terms:

Neutralization

غير جانبدار بنائڻ جو عمل


From the Dictionary of International Relations:

Neutralization

نيوٽرلائيزيشن

اَثرگهٽائڻ- بي –اَثر ڪرڻ

فوجي حوالي سان هي اصطلاح ڪنهن به هڪ ڌُرطرفان ڪيل اڳرائيءَ جومناسب جواب ڏيئي سندس سرگرميءَ کي بي اثر بڻائڻ واري صورتحال لاءِ ڪتب ايندو آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنهن به گهوٽالي ۾ پهلڪاري ڪندڙ ڌُر پنهنجومقرر ڪيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويندي آهي . جڏهن ته سفارتڪاريءَ ۾ ساڳيو اصطلاح بين الاقوامي برادريءَ پاران قانوني ۽ عملي قدم کڻي ، ڪنهن به اڳرائي پسند غيرقانوني عمل جو ٽوڙ ڳوليندي ، لاڳاپيل ملڪ کي ضابطي هيٺ رکڻ لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺڻ يا معاهدن ذريعي پابند رکڻ جي سلسلي ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي . ان کان علاوه بارودي سرنگن ، بمن ، ميزائيل ۽ ٻين موتمار هٿيارن کي نقصان پهچائڻ کان اڳ بي اثر ڪرڻ يا واپرائڻ جوڳي ڪنهن به شئي ۾ ملايل زهريلن ڪيميائي مادن کي پاڪ ڪري ٻيهر استعمال جوڳو بڻائڻ واري سرگرمي به هن اصطلاح هيٺ ئي بيان ٿيندي آهي . هن عمل تحت ڪنهن به رياست جي اندر ناراض ڌُرين جي مطالبن کي مڃي کين عملي احتجاج يا تشدد جوڳي سرگرميءَ کان پري رکڻ ، ڪنهن به ملڪ کي امڪاني جنگ جي دائري کان ٻاهررکڻ لاءِ کيس فوجي سرگرميءَ کان پاڪ علائقو قرار ڏيڻ (جيئن ٻي مهاڀاري جنگ ۾ بيلجيم جي حوالي سان ٿيو) ، منجهيل مسئلي جو قبولڻ جوڳو حل ڪڍڻ ۽ ڪنهن به قوم کي پروپيگنڊائي مهم ذريعي ورغلائڻ کان پري رکڻ سميت هر اهو قدم اچي وڃي ٿو ، جنهن سان منفي نتيجن ۽ امڪانن جي حوصلي شڪني ممڪن ٿي سگهندي آهي .


Remember Me Also:

پٽڙيون

ث. هميشه جمع ۾ ڪم ايندڙ لفظ. پيرن ۾ پائڻ جو ڳَههُ ت ، پَٽيون. اُٺ جي نڪ ۾ وڌيل هڏيون ل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal