
Neurotransmitter
نيوروٽرانسمِٽر
ڪنھن تنتي ڇيڙي مان خارج ٿيندڙ ھڪ ڪيميائي مادو جيڪو ھڪ نيوران (nerve cell) مان ٻئي يا ڪنھن مشڪ جي سيل ڏانھن امپلس موڪلي ٿو. جڏھن به ڪو تنتي امپلس ڪنھن تنتي ڇيڙي تائين پھچي ٿو ته سنيپٽڪ ويزائيڪلن (synaptic vesicles) مان نيوروٽرانسمِٽرَ خارج ٿي ھڪ ننڍڙي وٿي (synapse) ٽپي ھدف/ نشان واري سيل تائين پھچي ھدف واري سيل کي کولي، چارج پارٽيڪل گذاري سيل جي امپلس کي متحرڪ ڪن ٿا نه ته نيوروٽرانسمِٽرَتنتي امپلسن کي ٻنجي سگهن ٿا. تنتي سرشتي (nervous system) جي مختلف حصن ۾ اھڙا ڪيترا ڪيميائي مادا ساڳيا ڪم ڪندا رھن ٿا. ڪيترا نيوروٽرانسمِٽرَ، رت جي گردش ۾ خارج ٿي ٻين نيوروٽرانسمِٽرَن ۽ ھارمونن وارا ڪم ڪري ڏوراھن ھدف وارن سيلن تي عمل ڪن ٿا. ھڪ انتھائي اھم نيوروٽرانسمِٽر، ايسيٽائيلڪولائين (acetylcholine) جيڪو مشڪن سان لاڳاپيل ٿئي ٿو جڏھن خارج ٿئي ٿو ته ھڏائين مشڪن کي ڀيڪوڙي ٿو. ايسيٽائيلڪولائين نيوران به خارج ڪن ٿا جيڪي پگهر جي غدودن ۽ دل جي ڌڙڪن تي ڪنٽرول ڪن ٿا ۽ مغز ۽ مغزي ڏوريءَ وچ ۾ پيغام پھچائين ٿا. ٻيو ڪيميائي مادو نوراڊرينيلائين (noradrenaline/norepinephrine) دل جي ڌڙڪن، رت جي وھڪري ۽ جسم جي دٻاءَ جي موٽ ۾ اعصابي ضابطو رکي ٿو. ڊوپامين (dopamine) جو مغز جي مختلف حصن تي جيڪي چرپر تي ضابطو رکن ٿا ھڪ اھم ڪم ٿئي ٿو. سيروٽينن (serotonin) ھڪ مکيو نيوروٽرانسمِٽرَ ٿئي ٿو، دماغ جي انھن حصن ۾ ٿئي ٿو جن جو واسطو شعوري عملن سان ٿئي ٿو. نيوروٽرانسمِٽرَن جو ھڪ ٻيو گروپ جنھن کي نيوروپيپٽائيڊ (neuropeptides) سڏجي ان ۾ اينڊورفنَ (endorphins) شامل ٿين ٿا جنھن کي دماغ استعمال ڪري سور جي حساسيت تي ڪنٽرول ڪري ٿو.
سجاهه ڪڍڻ
مار ڪڍڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal