SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Neurosurgery

(click word to listen sound
  • 🔊
  • neurosurgery
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Neurosurgery

نيور.و.سرجري

مغز (brain)، مغزي ڏوريءَ (spinal cord) يا تنتي سرشتي (nervous system) جي ٻين حصن جي بيمارين جو آپريشن رستي علاج. نيوروسرجريءَ رستي جن تڪليفن جو علاج ڪجي ٿو انھن ۾ مغز، مغزي ڏوريءَ يا ميننجِس (meninges، مغز ۽ مغزي ڏوريءَ جون جهليون) جون ڳوڙھيون، دماغ جا ڳڙه (brain abscess)، دماغ کي رت مھيا ڪندڙ رت نلين جا نقص جھڙوڪ: اَنورزم (aneurysm، ڪنھن شريان جي ڪمزور ھنڌ تان ڦوڪڻي جيان ڦوڪجي وڃڻ)، ڪوپريءَ ۾ ٿيندڙ رتھير (ڏسو، extradural haemorrhage, intracerebral haemorrhage, subdural haemorrhage)، ڪي پيدائشي نقص (جھڙوڪ: neural tube defects and hydrocephalus)، ڪن قسمن جي مرگهي (epilepsy)، ۽ بيمارين يا حادثن سبب تنتي/ اعصابي ضربون شامل ٿين ٿيون. اھو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته سور (pain) جنھن جو ڪنھن ٻئي طريقي علاج ٿي نٿو سگهي تنھن لاءِ نيوروسرجري ڪجي.


Remember Me Also:

ٻڙهڪڻ

مصدر. ٻَڙڪڻ ، ٽهڪڻ. جلڻ ، کامڻ. لُڇڻ غم يا درد ۾. رڙ ڪرڻ. ٻَڙهڪِيو ، ٻَڙهڪَندو ، ٻَڙهڪيل.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal