
نيور پيٿي
عصبي علاج، تنتي مرض، عصبي روڳ
Neuropathy
نيو.را.پيٿي
اعصابي بيماري، پيريفيرل تنتون (peripheral nerves) جن جو ڪم مرڪزي تنتي سرشتي (central nervous system، مغز ۽ مغزي ڏوريءَ) کي مشڪن، غدودن، حواسن ۽ اندرين عضون سان ڳنڍڻ، انھن جي بيماري، سوزش يا نقص سان ٿئي ٿو. جڏھن ته ھاڻ نيوراپيٿي بجاءِ گهڻي ڀاڱي نيورائيٽس (neuritis) اصطلاح استعمال ٿئي ٿو. گهڻن تنتي سيلن جا ايڪسان (axons) ھڪ سڻڀي مادي مايالن (myelin)سان انسولوٽيڊ ٿيل ھجن ٿا. ڪيتريون نيوروپيٿيون يا ته ايڪسان جي ضرب يا اشتعمال يا انھن جي مايالن پوش سبب پيدا ٿين ٿيون جنھنڪري برقي سگنل جي راه مڪمل طور تي بند ٿي يا ڍلي ٿي وڃي ٿي. پالينيوراپيٿي (polyneuropathy يا پالينيورائيٽس) جو مطلب ٿيو ته ڪيترين تنتن جو نقص، مونونيوراپيٿي (mononeuropathy يا مونونيورائيٽس) ڪنھن ھڪ تنت جو ناقص ھجڻ ٿئي ٿو ۽ نيورالگيا (neuralgia) ڪنھن تنت جو اشتعال يا سوزش ٿئي ٿي. نيوراپيٿيءَ جي ڪن حالتن ۾ بظاھر انھن جي ڪارڻ جي سڌ نٿي ھجي. جنھن جي مخصوص ڪارڻن مان ڊائبيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus)، غذا جي اوڻائي، الڪوحل جو حد کان وڌيڪ استعمال ۽ ميٽابولي خلل جھڙوڪ: يوريميا (uraemia) ٿين ٿا.ممڪن ٿئي ٿو ته ڪنھن وائرسي انفيڪشن کانپوءِ تنتون سوزشي ٿي پون ته آٽواِميون نقصن (autoimmune disorders) جي نتيجي ۾ ريوميٽوائڊ آرٿرائيٽس (rheumatoid arthritis) جھڙيون نوروپيٿيون پيدا ٿي پون. ڪينسري ڳوڙھين کانپوءِ ثانوي طور تي نوروپيٿيون يا لمفومائن (lymphomas) ۽ ليوڪيميائن (leukaemias) سان گڏ پيدا ٿي سگهن ٿيون. موروثي نوروپيٿين جو به ھڪ گروپ ٿئي ٿو جن ۾ وڌ ۾ وڌ عام پيرونيئل مسڪيولر ائٽرافي (peroneal muscular atrophy) ٿئي ٿي. نوروپيٿي جي تڪليفن جو مدار ان ڳالهه تي ٿئي ٿو ته آيا اھي گهڻي ڀاڱي سينسري نرو فائبرن (sensory nerve fibres) کي متاثر ڪن ٿيون يا موٽر نرو فائبرن (motor nerve fibres) کي. سينسري نرو فائبرن جي متاثر ٿيڻ سان سُنجڻ، چڀ چڀ، سيءَ ۽ سور جو احساس ٿئي ٿو. موٽر فائبرن جي متاثر ٿيڻ سان مشڪن جي ڪمزوري ۽ انھن جو ڳرڻ ٿي سگهي ٿو. آٽونامڪ تنتن (autonomic nerves) جي متاثر ٿيڻ سان ديد ڌنڌلي يا ناقص ھجڻ يا باقي نه رھڻ، پگهر نه اچڻ، بيھوشي، معدي، آنڊي، مثاني ۽ جنسي سرگرميون ھجڻ ٿي سگهي ٿو. ڪا تنت ڪيتري قدر متاثر ٿي آھي انلاءِ نرو ڪنڊڪشن اسٽڊيز (nerve conduction studies) سان گڏ اي ايم جي (EMG) تپاسون ڪري سگهجن ٿيون جيڪي مشڪن جي برقي سرگرمي رڪارڊ ڪن ٿيون. تشخيص ڪرڻ لاءِ ڪيترين تپاسن جھڙوڪ: رت جون، ايم آر آءِ اسڪين (MRI scans) ۽ تنت يا مشڪ جي بايوپسي (biopsy) ڪرڻ جي به ضرورت ٿي سگهي ٿي. جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي ٿو ته علاج اصل ڪارڻ آھر ڪجي ٿو. جيڪڏھن متاثر اعصابي سيل ناقص نه ٿيا ھجن ته اعصابي بيماريءَ مان بحال ٿي سگهجي ٿو.
ريء
ث. سن. رَيَ. پاڻيءَ جي تِکَ ، وَههَ ، وَهِڪَ ، وَهڪرو ، ڌارَ ، سيرَ. سن. رمَس < ف. ريگ وارِي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal