
نيورون
عصبي گھرڙو، عصبي خليو، تنتي گھرڙو
Neuron
نيور.ا.ن
ڪو به تنتي/ اعصابي سيل (nerve cell). ھڪ عام نيوران ڪيترن حصن جو جڙيل ٿئي ٿو جنھن ۾ ان جو جسم (cell body)، ڪيترا شاخدار اڀار ڊينڊرائيٽس (dendrites) ۽ تاندوري اڀار ايڪسان (axon، نرِوِ فائبر nerve fibre به سڏجي) ٿئي ٿو. ڪو به ايڪسان پڇڙ وٽ ڇيڙن ۾ شاخجي انھن رستي برقي سگنل، ھدف ڪيل سيلن ڏانھن ھليا وڃن ٿا. گهڻا ايڪسان ھڪ انسوليٽنگ تھه، مايالن (myelin) ۾ ويڙھيل ٿين ٿا جيڪي سگنلن جي رفتار تيز ڪري ڇڏين ٿا. مايالن تھه جي سڄيءَ ڊيگهه دوران جاءِ به جاءِ ڪي وٿيون ٿين ٿيون جن کي نوڊس آف رينويئر (nodes of Ranvier) سڏجي ٿو جن جو ڪم ان عمل ۾ سھائتا ڪرڻ ٿئي ٿو. جيئن ته مايالن تھه نان ڪنڊڪٽِو (nonconductive) ٿئي ٿو تنھنڪري آئن (ion) جي تبديلي (depolarization) رڳو ڪنھن نوڊ وٽ ئي ٿئي ٿي ۽ سگنل، ايڪسان جي ڊيگهه سان ھڪ نوڊ کان ٻئي نوڊ تائين ٽپندا وڃن ٿا. تنتي سرشتي ۾ ڪروڙين نيوران ٿين ٿا جن جا مکيا ٽي قسم ٿين ٿا: سينسري نيوران (sensory neurons) جن جو ڪم حسي رسپٽرن مان سگنل مرڪزي تنتي سرشتي (central nervous system/CNS) ڏانھن نيئڻ ٿئي ٿو، موٽر نيوران (motor neurons) جن جو ڪم سي اين ايس کان پيغام مشڪن يا غدودن تائين پھچائڻ ٿئي ٿو ۽ انٽرنيورانَ (interneurons) جيڪي سي اين ايس ۾ ھڙئي پيچيده برقي سرڪٽ جوڙين ٿا. جڏھن به ڪو نيوران، ڪو برقي سگنل ”فائر“ ڪري ٿو/ موڪلي ٿو ته ھڪ ڪيميائي مادو جنھن کي نيوروٽرانسمِٽر (neurotransmitter) سڏجي، سنيپسس (synapses، ٻين نيورانن جي جنڪشنن وٽان) وٽان ايڪسان جي پڇڙين مان خارج ٿئي ٿو. جنھن جي نتيجي ۾ ممڪن ٿئي ٿو ته اھو نيوروٽرانسمِٽر مشڪ جي ڪنھن سيل کي ڀيڪوڙي، ڪنھن اينڊوڪرائين غدود مان ڪو ھارمون خارج ڪرائي يا ڪنھن ويجهي نيوران کي متاثر ڪري وجهي. مختلف قسمن جا محرڪ مختلف قسمن جي نيورانن کي مشتعل ڪري فائر ڪرائين ٿا. مثال طور؛ سينسري نيوران ممڪن ٿئي ٿو ته جسماني محرڪن جھڙوڪ: ٿڌ يا دٻاءَ سبب مشتعل ٿين. ڪيترن نيورانن جي ڪم تي ڀرسان وارا نيوران، نيوروٽرانسمِٽر خارج ڪري ڪنٽرول ڪن ٿا. ڪي نيوروٽرانسمِٽر، اھڙي سيل جي اندر ۽ ٻاھر غيريقيني ۽ ھنگامي حالت ۾ برقي طاقت ۾ اوچتي تبديلي پيدا ڪن ٿا جيڪا سيل ميمبرين جي ڪنھن ھنڌ تي تمام تيز رفتاريءَ سان سفر ڪري ٿي. ٻيا نيورونل تھن کي مستحڪم رکن ۽ ڪنھن به طاقتور عمل کان بچائين ٿا، ان طريقي سان ڪنھن به نيوران جي فائر ڪرڻ جو طريقو اشتعالي ۽ مزاحمت اثرن تي عمل ڪندڙ توازن تي مدار رکي ٿو.جيڪڏھن اھڙي ڪنھن سيل جو جسم (cell body) ضربجي پوي يا ناقص ٿي وڃي ٿو ته سيل به مري وڃي ٿو جنھن جي جاءِ تي ٻيو ڪڏھن به پيدا ٿي نٿو سگهي. ڪو به ٻالڪ نيوران ن جي وڌ ۾ وڌ انگ سان پيدا ٿئي ٿو جنھن کانپوءِ اھي انگ ۾ لاڳيتو گهٽبا وڃن ٿا.
ٽڇول
ذ. صفت. لچو ، بدمعاش.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal