SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Neuroblastoma

(click word to listen sound
  • 🔊
  • neuroblastoma
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Neuroblastoma

نيور.و.بلاسٽوما

ايڊرينل غدودن (adrenal glands) يا سمپٿيٽڪ نروس سسٽم (آٽونامڪ تنتي سرشتي جو ھڪ حصو) جي ڪا ڳوڙھي. گهڻا نيوروبلاسٽوما، ايڊرينل غدودن يا سمپيٿٽڪ تنتن ۾ پيٽ جي پٺيان ته گهٽ ڇاتيءَ يا ڳچيءَ جي سمپٿيٽڪ تنتن ۾ پيدا ٿين ٿا. نيوروبلاسٽوما، ڪوپريءَ کان ٻاھر (extracranial) پيدا ٿيندڙ گهڻيون عام ۽ ٻالڪپڻي جا نھريون ڳوڙھيون ٿين ٿيون. گهڻيون، زندگيءَ جي پھرين 10 سالن دوران خاص طور تي پھرين 5 سالن دوران پيدا ٿين ٿيون. انھن جي عام نشانين ۾ پيٽ ۾ ڳوڙھي، ساڻائي، وزن ۾ گهٽتائي، درد ۽ سور، جسم جي پيلاڻ ۽ چِڙ شامل ٿئي ٿي. ورلي، دست، ھاءِ بلڊپريشر ۽ چمڙي ڳاڙھي ٿي وڃي ٿي. ڪنھن به نيوروبلاسٽوما جي تشخيص ايم آءِ آر (MRI) ۽ سي ٽي اسڪيننگ (CT scanning)، رت جي تپاسن، پيشاب جي تپاسن ۽ ھڏي جي مک جي بايوپسيءَ رستي ڪنھن به ڳوڙھيءَ جي ڪري سگهجي ٿي. علاج لاءِ آپريشن رستي ڳوڙھي خارج ڪري پوءِ پوءِ ريڊيوٿراپي (radiotherapy) ڪرڻي پوي ٿي. اينٽي ڪينسر دوائن ۽ اسٽيم سيل (stem cell) يا بون مئرو (bone marrow transplant) پيوند ڪرڻ جي به ضرورت ٿي سگهي ٿي. نيوروبلاسٽوما نسبتاً بي مضر ته جارح ڪينسري به ٿي سگهن ٿا.


Remember Me Also:

اٻوڌ

ذ. صفت. [سن. اَبُڌ] اَٻوجهه ، بي عقل ، بي سمجهه.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal