SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Neuralgia

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • njeərældʒə

From the English to Sindhi Dictionary:

Neuralgia

نسن جو درد


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Neuralgia

نيور.ا.لجيا

لوطي سور، تنتي/ اعصابي سور، ڪنھن ھڪ يا گهڻين تنتن جو تيز، شديد ۽ اوچتو پوندڙ سور. عام طور تي سور مختصر حملن جي صورت ۾ گنڀير ٿي سگهي ٿو. ڪن قسمن جو لوطي سور ڪنھن مخصوص تڪليف جي نشاني ٿي سگهي ٿي. اڌ مٿي جي سور (migraine) ۾ لوڙيندڙ عام طور تي جنھن قسم جي لوطي سور سان منھن ڏين ٿا ان ۾ سور جا اک جي چؤگرد شديد وگهرندڙ حملا ٿين ٿا. پوسٽھرپيٽڪ نورالجيا (postherpetic neuralgia) ۾ ھرپيز زوسٽر (herpes zoster/shingles) واري ھنڌ تي بيماريءَ جي مھينن يا سالن کانپوءِ ساڙيندڙ سور پوي ٿو. ٻين قسمن جا لوطي سور ڪنھن مخصوص تنت/ اعصاب ۾ خلل سبب پيدا ٿين ٿا. گلاسوفيرينجئل نورالجيا (glossopharyngeal neuralgia) ۾ ڄڀ جي پٺيان، گلي ۽ ڪن ۾ شديد سور پوي ٿو انھن سڀني ھنڌن کي گلاسوفيرينجيئل تنت مھيا ٿئي ٿي، عام طور تي ان سور پوڻ جي ڄاڻ ڪونھي، ساڳي ڳالهه ٽرائجيمينل نورالجيا (trigeminal neuralgia) سان ٿئي ٿي جنھن ۾ اوچتو منھن جي ھڪ پاسي کي شديد متاثر ڪندڙ سور ٿئي ٿو جنھن کي ٽرائجيمينل تنت مھيا ٿئي ٿي. ورلي، لوطي سور انلجيسڪ (analgesic) دوائن جھڙوڪ: پئراسيٽامول (paracetamol) سان ختم ٿي وڃي ٿو. گلاسوفيرينجئل نورالجيا ۽ ٽرائجيمينل نورالجيا ڪارباميزپين (carbamazepine) يا ٻيءَ اينٽيڪنولسنٽ (anticonvulsant) يا ٽرائسائڪلڪ اينٽي ڊپريسنٽ (tricyclic antidepressant) دوائن يا ڪيپسيئيسن (capsaicin) ڪريم جي موٽ ڏئي سگهن ٿا.


.


Other Phrases of Neuralgia used in Daily life:

Remember Me Also:

باڙڪي

ث. ڪَنن ۾ پائڻ جو هڪ ڳَههُ ، والي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal