
Neural tube defect
نور.ل ـ ٽيوب ـ ڊي.فيڪٽ
ٻچي جي مغز ۽ مغزي ڏوريءَ جي اوسر جو نقص. انھن ۾ ھڪ وڌ ۾ وڌ سنگين نقص ايننسيفيلي (anencephaly، مغز جو بلڪل نه ھجڻ) ٿئي ٿو جيڪو موتمار ٿئي ٿو. گهڻو عام اِسپينا بِفيڊا (spina bifida) ٿئي ٿو جنھن ۾ ڪرنگهو، مغزي ڏوريءَ جي چوگرد مڪمل ڇلو پيدا ڪري نٿو سگهي. اِسپينا بِفيڊا، ڪرنگهي ۾ ڪنھن ھنڌ به پيدا ٿي سگهي ٿي جڏھن ته گهڻي عام ھيٺينءَ چيلهه وٽ ٿئي ٿي. اِسپينا بِفيڊا جا مختلف قسم ٿين ٿا. اسپينا بِفيڊا اَڪلٽا (spina bifida occulta) ۾ رڳو نقص مغزي ڏوريءَ جي پٺيان ھڏائين ڪمانين جو پاڻ ۾ ڳنڍجي نه سگهڻ جو ٿئي ٿو جيڪو ڪي به مسئلا پيدا ڪري نٿو سگهي. پر جي ھڏي جو نقص گهڻو شديد ھجي ته مينِنجوسيل (meningocele، ميننجس جو ٻاھر نڪري پوڻ) ٿي سگهي ٿي يا مائلوميننجوسيل (myelomeningocele، مغزي ڏوري جو نقص). مائلوميننجوسيل سبب ممڪن ٿئي ٿو ته شديد معذوري پيدا ٿي پوي ته ان سان گڏ ٽنگن جو اڌرنگو، ھيٺين ڌڙ جي حس جو نه ھجڻ، ھيڊروسيفيلس (hydrocephalus) ۽ گديا ۽ مثاني جي اڌرنگي سبب ھنگڻ مٽڻ وس ۾ نه ھجڻ (incontinence). ان سان لاڳاپيل ٻين مسئلن ۾ دماغي فالج (cerebral palsy)، مرگهي (epilepsy) ۽ سکڻ جون تڪليفون (learning difficulties) شامل ٿين ٿيون. عام طور تي علاج لاءِ ڄمڻ جي ڪجهه ڏينھن کانپوءِ آپريشن ڪئي وڃي ٿي. معمولي حالتن ۾ نقص درست ڪري ڇڏجي ٿو ته مائلوميننجوسيل ۾ ڪا معذوري رھجي وڃي ٿي. نيورول ٽيوب ڊفيڪٽ ۾ جينياتي عنصر شامل ٿين ٿا. جن والدين کي نِيورل ڊفيڪٽ وارا ٻار ڄمن ٿا يا خاندان ۾ رھن ٿا تن کي جينياتي مشاورت (genetic counselling) ڪرڻ گهرجي. ڇو ته نيورول ٽيوب ڊفيڪٽ جي خطري کي گهڻيءَ حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو جنھن لاءِ اھڙي عورت کي حامله ٿيڻ کان اڳ ۾ ۽ دوران فولڪ ايسڊ (folic acid) جا واڌو وزن استعمال ڪرڻ گهرجن، جنھن لاءِ حامله ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ حمل جي پھرين 12 ھفتن دوران سفارش ڪيل وزن استعمال ڪرڻ گهرجن. حمل دوران الٽراسائونڊ اسڪيننگ (ultrasound scanning) ايمنيئوسينٽيسِس (amniocentesis) رستي نيورول ٽيوب نقصن جي درست ڄاڻ رکي سگهجي ٿي.
آڳانڌو
ذ. صفت.آڳانڍو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal