SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nesting

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • nestiŋ

From the Dictionary of International Relations:

Nesting

نيسٽنگ

محفوظ هُجڻ جو احساس:

ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ملڪن وچ ۾ جڏهن واپاري معاهدا ڪيا وڃن ٿا، ته انهن معاهدن تي عمل درآمد مُشڪل ٿي پوي ٿو، جيستائين کين سياسي طرح تحفظ نه ٿو فراهم ڪيو وڃي. ان کان سواءِ هڪٻئي سان واپار ۾ سهڪار ۽ هڪڙا ملڪ ٻين ملڪن جي معاشي نظام کي بهتر ڪرڻ جي انهيءَ ڪري به ڪوشش ڪن ٿا، جو اهي ملڪ سندن لاءِ ”تجارتي حدون وڌائڻ“ جو هڪ اهم ذريعو هوندا آهن. پر انهيءَ صورتحال جا ڪجهه غلط نتيجا به سامهون آيا آهن. ڏٺو ويو آهي ته باهمي واپار ۾ ڪو به ملڪ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ کي معاشي سهڪار طور ڪجهه رعايتون ڏيئي ٿو ته بدلي ۾ هو ان کان ٻيڻو فائدو به وٺي ٿو. مثال طور ڪيتريون گهڻ- قومي ڪمپنيون ڪنهن مخصوص ملڪ جي حڪومت سان سهڪار به ڪن ٿيون ته پنهنجي ڪاروبار لاءِ فائديمند ماحول به ٺاهن ٿيون. جڏهن گهڻ- قومي ڪمپنين جي لاءِ انهيءَ مخصوص ملڪ ۾ واپاري ۽ مالي حوالي سان راهه هموار ٿي وڃي ٿي، ته پوءِ اهي ڪمپنيون وڌيل منافعي، اگهن ۽ ٻين معاملن ذريعي، ملڪ مان ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ شروع ڪن ٿيون.


Remember Me Also:

وڌيڪي

وَڌِيڪِي

وڌيڪ، گهڻائي، فرط ، گهڻ، نهايت، بسياري، بدپرهيز، اجهلائي، فاضلي، (ظلم جي حد)پاڇي، باقي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal