SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nervous system

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • nəːvəssistəm

From the Dictionary of Haematology:

Nervous system

نروس سسٽم

عصبي نظام، تنتي سرشتو


From the Dictionary of Official Terms:

Nervous system

اعصابي نظام- تنتي سرشتو


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Nervous system

نر.وس ـ سسٽم

تنتي سرشتو، ڪنھن جانور يا انسان جا اعصاب ۽ اعصابي سرشتو جنھن ۾ مغز، مغزي ڏوري، اعصاب ۽ گينگليا شامل ٿين ٿا، تنتي سرشتي جو ڪم معلومات گڏ ڪرڻ ۽ مجموعي طور تي سڄي جسم تي ڪنٽرول ڪرڻ ٿئي ٿو. مغز (brain) ۽ مغزوري ڏوري (spinal cord) مرڪزي تنتي سرشتو (central nervous system (CNS) جوڙين ٿا جيڪو ڪروڙين نيورانن (neurons/nerve cells) رستي پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿئي ٿو. مرڪزي تنتي سرشتي کي سڄي معلومات حسي عضون مان ملي ٿي. حرڪي (motor) ھدايتون، ھڏائين مشڪي کي موڪليون وڃن ٿيون جيڪي ڳالهائڻ، اندرين عضون، غدودن ۽ چمڙيءَ جي پگهر جي غدودن تي ڪنٽرول ڪن ٿيون. اھڙي معلومات تنتن رستي نيئي وڃي ٿي جيڪي سڄي جسم ۾ مرڪزي تنتي سرشتي مان ڄار جيان پکڙيل ٿين ٿيون. ھر تنت ھڪ اھڙو مچڪو ٿئي ٿو جنھن ۾ ڪيترن انفرادي نيوروانن جا ايڪسان (axons، تاندوري اڀار) ٿين ٿا. تنتي سرشتي جي جوڙجڪ کانسواءِ ڪم جي لحاظ کان ٻيون به مختلف ورڇون ٿين ٿيون، جن مان ٻه گهڻيون اھم خودمختيار تنتي سرشتو (autonomic nervous system) جنھن جو لاڳاپو جسم جي اندرين خودمختيار (لاشعوري) ڪمن سان ٿئي ٿو ۽ ٻيو جسماني تنتي سرشتو (somatic nervous system) ٿئي ٿو جنھن جو ڪم والنٽري چرپر ڪرائيندڙ مشڪن تي ڪنٽرول ڪرڻ ٿئي ٿو. تنتي سرشتي جو مجموعي طور تي ڪم ٻاھرين ماحول، سرير جي اندرين حالت آھر گهربل موٽ ڏيڻ ٿئي ٿو جھڙوڪ: ڪنھن جسماني خطري کان پاسيرو رھڻ. تنتي سرشتو گهڻي ڀاڱي ڪنھن به محرڪ (ڏسو، reflex) جي خودمختيار طريقي سان موٽ ڏئي ٿو. جڏھن ته دماغ جا اعليٰ، شعوري ماڳ رضاڪارانا طور تي به اھڙي سرگرميءَ جي موٽ ڏين ٿا. تنتي سرشتي جا نقص ڪنھن به لاڳاپيل حصي کي ڇيھي رسڻ يا ناقص ڪم ڪرڻ (ڏسو، brain; spinal cord; neuropathy; nerve injury) ته ڪنھن حسي، تجزياتي يا حافظي جي ڪمن ۾ نقص (ڏسو، vision, disorders of; deafness; numbness; anosmia; agnosia; amnesia) يا موٽر فنڪشن سبب به پيدا ٿي سگهن ٿا (ڏسو، aphasia; dysarthria; ataxia) .


.


Other Phrases of Nervous system used in Daily life:

.


Nervous system is also used in:

Remember Me Also:

حيا

ث. [ع. حَييٰ = هن شرم ڪيو] شرم ، حجاب ، لڄ ، حياءُ ، مَرَمُ ، ڀَرم ، پَتِ ، غيرت ، لحاظ. پاڪدامني ، شرميلتا.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal