SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nerve injury

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nəːv
  • indʒəriː
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Nerve injury

نرِو ـ انجري

ڪنھن تنت جي ڪنڊڪٽنگ تاندورن جو، ضرب يا ٽٽي پوڻ سبب چمڙيءَ جي حس ۽ مشڪ جي طاقت جو ختم ٿي وڃڻ (ڏسو، ضرب کانسواءِ باقي سببن ڪري تنت جي نقصان لاءِ neuropathy). جيڪڏھن ڪا پيريفيرل تنت (مغز ۽ مغزي ڏوريءَ کان ٻاھرين تنت) جزوي ضربجي پوي ٿي ته ضربيل تنت وري پيدا ٿي سگهي ٿي بشرطيڪ ضربيل ڇيڙا سڌ ۾ ھجن ته وري ڳنڍجي پنھنجا ڪم بحال ڪري سگهن ٿا. پر جي تنت مڪمل طور تي ضربجي پيئي ھجي ته انفرادي تنتون اثرائتي طريقي سان ڳنڍجي نٿيون سگهن ۽ نه ئي انھن جو ڪم بحال ٿي سگهي ٿو. مغز ۽ مغزي ڏوريءَ جا لنگهه، بناوتي لحاظ کان پيريفيرل تنتن کان مختلف ٿين ٿا جنھن سبب انھن لنگهن جون ضربيل تنتون بحال ٿي نٿيون سگهن مثال طور؛ جيڪڏھن ڏسڻي تنتون (optic nerves) ضربجي پون ته نظر بحال ٿي نٿي سگهي. ورلي، مائڪروسرجريءَ (microsurgery) رستي ضربيل پيريفيرل تنتن کي ڳنڍي سگهجي ٿو پر انھن جو مڪمل طور تي بحال ٿي سگهڻ ورلي ٿئي ٿو.


Remember Me Also:

سڙڪ

ٿ. ع. سَرَقُهَ اُٺَ جو نُختو ، ٻوٿارِي. مَهارَ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal