SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nerve block

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nəːv
  • blɔk
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Nerve block

نرِوِ ـ بلاڪ

ڪنھن تنت جي چوگرد واري حصي کي انجيڪشن رستي انيسٿيسِيا ھڻي جسم جي ان حصي کي تنت رستي سُن ڪري ڇڏڻ. مثال طور؛ ھٿ جي تريءَ کي سُن ڪرڻ لاءِ ٻانھن ۾ مٿي انجيڪشن رستي انسٿِيسِيا ھڻي النر (ulnar) ۽ ميڊين (median) تنتن کي بيحس ڪري ڇڏڻ. ڪنھن به تنت کي مغزي ڏوري مان نڪرڻ واري ھنڌ تي ئي سُن ڪري سگهجي ٿو جھڙوڪ: اِپيڊيورل انسٿِيسِيا (epidural anaesthesia) عام طور تي ويم وقت استعمال ڪجي ٿي ۽ اسپائينل انسٿِيسِيا (spinal anaesthesia) عام طور تي پيٽ جي ھيٺين حصي ۽ ٽنگن ٻانھن جي آپريشن لاءِ استعمال ڪجي ٿي. ڪاڊل (caudal) واري حصي کي سن ڪرڻ لاءِ انسٿِيشِيا انھن تنتن جي آسپاس ھڻجي ٿي جيڪي مغزي ڏوريءَ جي ھيٺين حصي مان نڪرن ٿيون. جنھن سان ٻنڊڙ ۽ جنسي حصا سُن ٿي وڃن ٿا. پيوڊينڊل (pudendal) تنت کي بي حس ڪرڻ لاءِ انسٿِيشِيا جي انجيڪشن انھن تنتن ۾ ھڻجي ٿي جيڪي نھائين ھيٺان گرڀ ناليءَ جي تري ڏانھن وڃن ٿيون. تنتن کي ان طريقي سان ورلي فورسيپ ڊليوري (forcep delivery) دوران سُن ڪجي ٿو (وڌيڪ ڏسو، anaesthesia, local).


Remember Me Also:

سرجيون ٻوٽي

ث. هڪ قسم جي فرحت بخش ۽ زندگي بخش ٻوٽيءَ جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal